موسميات کاتي ڪراچي ۾ وڌيڪ گرمي جي اڳڪٿي

موسميات کاتي ڪراچي ۾ هلندڙ سخت گرمي گهٽ ٿيڻ جون اميدون ختم ڪري ڇڏيون، موسميات کاتي موجب  وڌيڪ 3 ڏينهن تائين گرمي برقرار رهندي.

اڄ ڪراچي ۾ گرم ڏينهن جو امڪان آهي ۽ پارو 40 ڊگري کان به وڌي سگهي ٿو. جڏهن ته سومر تي گرمي پد 40 ۽ اڱاري تي 39 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو.

موسميات کاتي موجب گرمي جي موجوده لهر جي دوران هيٽ ويو جو امڪان نه آهي. ڇو ته هيٽ ويو جي صورتحال سامونڊي هوائن جي لاڳيتو 3 ڏينهن تائين بندش سبب پيدا ٿينديون آهن. ٻئي صورت ۾ گرمي پد 3 ڏينهن تائين 40 ڊگري تائين رهڻ ۽ نمي جو تناسب ڏينهن جي وقت 60 سيڪڙو تائين ٽپي وڃڻ جهڙا سبب به شامل آهن.

ٻئي پاسي سنڌ جي سامونڊي پٽي سجاول، ٺٽو ۽ انهي کان علاوه عمرڪوٽ، ميرپورخاص،  ٿرپارڪر ۾ گرمي پد 42 ڊگري تائين وڌي سگهي ٿو.

Read Previous

پينٽاگون مان ايران تي اسرائيلي حملي جي تياري بابت دستاويز ليڪ

Read Next

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو

Most Popular