اسرائيل کان پلاند ضرور وٺنداسين، حزب الله ۽ حماس ڪامياب ٿيندا: ايراناسرائيل کان پلاند ضرور وٺنداسين، حزب الله ۽ حماس ڪامياب ٿيندا: ايران

تهران (مانيٽرنگ ڊيسڪ)ايران جي نائب صدر محمد رضا عارف اسرائيل کي جوابي ڪارروائي جي خبردار ڪندي

چيو آهي ته تهران خلاف جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.ايراني ميڊيا موجب نائب صدر محمد رضا عارف تهران ۾ حماس ۽ حزب الله جي نمائندن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون

ان موقعي تي محمد رضا عارف ايران تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي چيو ته جارحيت ڪندڙن کي جواب جو انتظار ڪرڻ گهرجي، اسرائيل کي مناسب وقت ۽ حالتن ۾ ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

ٻئي طرف ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته اسرائيلي فوجي مرڪزن تي حملا گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.

هن چيو ته ايران کي ان جارحيت جو مناسب جواب ڏيڻ جو پورو حق آهي، انهن حملن کي غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيل جي نسل ڪشي کان الڳ نٿو ڪري سگهجي.

Read Previous

ٺٽي ضلعي اندر جديد دئور ۾ به ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم

Most Popular