سانگھڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) سانگهڙ معصوم نياڻيءَ عليشا واقعي ۾ ملوث ماڻھو سنڌي نه پر ھڪ بي نسل جا ماڻهو ٿي سگهن ٿا جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آھي اھڙا واقعا ناڪام حڪومت جي پاليسن ڪري پيش اچي رھيا آھن اھڙن عناصرن کي سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن آئنده اھڙا واقعيا پيش نه اچن اھڙو اظھار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئر مين ڊاڪٽر قادر مگسي سانگھڙ ۾ جبار جوڻيجو جي رھشگاھ تي ڪارڪنن سان ملاقات بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيوته سنڌ جا ٻيٽ ۽ سامونڊي پٽي سنڌ جي ملڪيت آھن ڪنھن بہ صورت ۾ ھٿ ٺوڪي آرڊيننس ذريعي ان کي وفاق حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين .گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ سڄي سنڌ احتجاج ذريعي پنهنجو فيصلو ڏيئي چڏيو آھي وفاق جو ڪوبه سنڌ دشمن صدارتي آرڊيننس کي تسليم نه ڪداسين ھن چيوته وفاق آئيني طور تي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو آھي. جيڪو ڪنھن بہ صورت ۾ نہ آئيني آھي ۽ نہ قانوني آھي ۽ اھڙو آرڊيننس جاري ڪرڻ قانون ۽ آئين سان غداري جي زمري ۾ اچي ٿو. جنھن کي سنڌ جا ڪروڙين سنڌ جا ماڻھو ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪندا ۽ اھڙي عمل خلاف گذريل ٻين ڏينهن کان سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي سنڌ جو احتجاج ھٿ ٺوڪي آرڊيننس جي خاتمي تائين جاري رھندو ۽ سنڌ ڌرتيء جي وجود جي بچا خاطر اسان ڀرپور مزاحمت ڪئي آھي ڪري رھيا آھيون ھن چيو ته ڄام مدد علي جي وفات تي سندس خاندان سان ھن ڏُک واري گھڙي ۾ گڏ آھيون ڄام مدد علي پنھنجي حياتي دوران ڄام خاندان جي روائتن کي برقرار رکڻ ۾ ھڪ اھم ڪردار ادا ڪيو،ڄام مدد علي سنڌ جي ٻٽي نظام سميت سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي اسان سان گڏ ڀرپور آواز اٿاري اھم ڪردار ادا ڪيو پاڻ مھمان نواز ۽ ھڪ بھترين شخصيت جا مالڪ هيا ۽ اسان دعاڳون آھيون ته رب پاڪ کيس جنت ۾ جڳھ عطا ڪري ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ محمد علي ابڙو,ڊاڪٽر سومار مڱريو,ضلعي اڳواڻ سليم رضا ڏاھري ,سني جوڻيجو ,,ڏاڙھون جانوري ولي محمد منڱريو اسماعيل جوڻيجو پيارو لاشاري شھزاد سمون ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ ساڻس گڏ ھئا