اسلام آباد: سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا وبا هڪ عالمي حقيقت آهي، ان تي اپوزيشن هوش کان ڪم وٺي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا وبا هڪ عالمي حقيقت آهي نه ڪي ڪنهن جي ذهن جي پيداوار آهي، ان تي عدالتي فيصلو به اچي چڪو آهي تنهن ڪري اپوزيشن هوش کان ڪم وٺي ۽ عوام دشمني جي مرتڪب نه ٿئي، عوام جي صحت جو تحفظ اسان جو پهريون فرض آهي، خدانخواسته جيڪڏهن قيمتي زندگين جو نقصان ٿيو ته ان جي ذميوار اپوزيشن هوندي ۽ جلسي جا انتظام ڪار هوندا.