سجاول شھر مان قبضا ختم ٿي نه سگھيا.شھرين قبضا ختم ڪرائڻ لاء ڪورٽ ڏانھن منھن ڪري ڇڏيو

سجاول:(عتيق الرحمان کتري)سجاول شھر مان قبضا ختم ٿي نه سگھيا.شھرين قبضا ختم ڪرائڻ لاء ڪورٽ ڏانھن منھن ڪري ڇڏيو.وڪيل عبدالطيف کٽي سجاول ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي.ايس پي سجاول،ٽائون آفيسر ايندڙ مھيني جي ٻئي تاريخ تي ڪورٽ کين گھرائي ورتو.سجاول شھر مان عورتن جو گذرڻ مشڪل بڻجي ويو آھي.غيرقانوني قبضا ڪيا پيا وڃن.جنھن سبب لنگھڻ ۾ سخت مشڪلات ٿي رھي آھي.شھريخبرموجب:سجاول شھر ۾ قبضا ختم نه ڪرائڻ غيرقانوني اڏاوتون ٿيڻ خلاف سجاول جي شھرين سول ڪورٽ جو رک ڪري ڏنو.سجاول جي وڪيل عبدالطيف کٽي سجاول ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آھي ته سجاول شھر ۾ غيرقانوني اڏاوتون ٿي رھيون آھن.شھرين جو لنگھڻ به مشڪل بڻجي ويو آھي.شھر سجاول کي بائي پاس ھوندي به وڏيون گاڏيون شھر مان گذرن جنھن سبب شھرين جو شھر مان لنگھڻ مشڪل بڻجي ويو آھي.ايس پي سجاول،ٽائون آفيسر،انڪروچمنٽ پوليس ان جا ذميوار آھن.سندن فرض آھي ته شھر مان غيرقانوني اڏاوتون ختم ڪرائن ته جئين ماڻھو آرام سان لنگھي سگھي.جنھن تي سول ڪورٽ سجاول ايس ايس پي سجاول،ڊي ايس پي سجاول،ٽائون آفيسر ،ايس ايڇ او،انڪروچمنٽ پوليس،ٽريفڪ انچارج کي ايندڙ مھيني جي 2تاريخ تي طلب ڪري ورتو آھي.ھوڏانھن سجاول جي شھرين نوجوان وڪيل عبدالطيف کٽي جي اھڙي عمل جي ساراه ڪندي چيو ته سجاول ضلعي ۾ غيرقانوني اڏاوتون قائم ٿيڻ ڪري ماڻھن جو لنگھڻ مشڪل ٿي ويو آھي.روڊن تي چنگچي،گاڏا،گاڏيون بيھڻ ڪري عورتن ۽ مردن جو لنگھڻ به مشڪل بڻجي ويو آھي.ھوڏانھن سول ڪورٽ ۾ قبضن خلاف داخل ٿيل پٽيشن جي شھري اتحاد سجاول پڻ حمايت ڪئي آھي.

Read Previous

شاعر امداد علي احساس

Read Next

سانگهڙ ضلع ۾ ڪرونا جا 19 ڪيس ظاهر

Most Popular