شاعر امداد علي احساس


نظم
اسان نہ ڄاتو اسان نہ سمجھو
بنا سڄڻ ڪنھن حيات ساري
اسان ڀلا ڪيئن ڇڏي گذاري
نہ ئي ڪي گلڙا راھن ۾ پنھنجي
نہ ئي ڪي گلڙا ٻانھن ۾ پنھنجي
نہ ئي ڪي سڏڙا دانھن ۾ پنھنجي
نہ ئي ڪي اکيون آتيون اسان لاءِ
نہ ئي ڪي بکيون ڇاتيون اسان لاءِ
نراس ساريون راتيون اسان لاءِ
لفظن جون اڀيون ڪاتيون اسان لاءِ
وڃون تہ آخر وڃون بہ ڪاٿي
ڀڃون بہ ٿڪ تہ ڀڃون بہ ڪاٿي
پنھنجي ڪو اوٽ اجھو ڪٿي آ
اسان جي گھر جو پتو ڪٿي آ
رلي راھن ۾ ڄمار ساري
اسان تہ آھي ائين گذاري
اسان لاءِ ڪوئي اداس ناھي
اسان جو ڪنھن کي قياس ناھي
خوشين غمن ۾ اڪيلا آھيون
ڪٿي ڪو ساٿي مليو ئي ناھي
چپن اسان جي کليو ئي ناھي
وس ڪنھن تي بہ ھليو ئي ناھي
اسان ننڌڻڪي وجود وانگي
زماني جي ھٿ چڙھي ويا ھون
سھيڙي ڪوئي کڙي ويا ھون
اسان نہ ڄاتو اسان نہ سمجھو
اسان الائي ڇو ڄمي پيا سين
سانجھيءَ ٽاڻي ٽمي پياسين
اسان جيان بہ گذاري ڪوئي
پنھنجا ئي جذبا تہ ماري ڪوئي
ڀلا اسان جيئن گذاري ڪوئي
ڀلا اسان جيئن گذاري ڪوئي

Read Previous

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي جِتي وڻُ ناھي، اتي ڪانڊيرو ئي درخت (وڏو وڻُ) آھي

Read Next

سجاول شھر مان قبضا ختم ٿي نه سگھيا.شھرين قبضا ختم ڪرائڻ لاء ڪورٽ ڏانھن منھن ڪري ڇڏيو

Most Popular