سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي سڪرنڊ جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين شھيد الطاف جسڪاڻيءَ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاء احتجاج

سڪرنڊ ( رپورٽ : اڪبرملاح ) سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي سڪرنڊ جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين شھيد الطاف جسڪاڻيءَ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاء ايس ٽي پي هائوس کان قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي . ريلي جي اڳواڻي مرڪزي سينٽرل ڪميٽيءَ جو ميمبر اطهر شاه ، ضلعي صدر شاهنواز ڪيريو ، ضلعي جنرل سيڪريٽري رفيق ملاح ، جوائنٽ سيڪريٽري عبد القادر جيلاني ۽ نائب صدر سبحان علي مگسي ڪري رهيا هئا . ان موقعي تي هنن خطاب ڪندي چيو ته شهيد الطاف جسڪاڻيءَ سنڌ ڌرتيءَ جو ارڏو پٽ ھو ، جيڪو سنڌ جي وسيلن ، ٻيٽن ۽ زمينن تي قبضن جي  خلاف عملي جدوجهد ڪري رهيو هو ، سندس اها جدوجهد رياست جي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀي رهي هئي ، هنن چيو ته شھيد الطاف جسڪاڻيءَ کي ڪرائي جي قاتلن هٿان هڪ  منظم شازس تحت قتل ڪرايو ويو آهي ، هنن اهو به چيو ته ٽنڊو الهيار  پوليس سندس قتل جو سبب ذاتي دشمني ڄاڻائي رهي آهي ، جيڪا شهيد جي قاتلن کي بچائڻ جي سازش آھي ، پر  سنڌ جو عوام ۽ ايس ٽي پي شهيد جو خون رائيگان وڄڻ نه ڏيندي ۽ قاتلن جي گرفتاريءَ تائين جدووجهد جاري رکندي .  هنن مطالبو ڪندي چيو ته قتل ۾ ملوث ڀولو خانزادو ۽ اسلم رند کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ سياسي ونگار وهندڙ ايس ايس پي ٽنڊو الهيار اسلم لانگاه کي هٽائي ٻيو ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي ۽ شھيد الطاف جي خون سان انصاف ڪيو وڃي . احتجاجي مظاهري ۾ ايوب کوسو ، ٻڍل مگسي ، سياسي سماجي ڪارڪنن سميت وڏي تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي .

Read Previous

سانگهڙ ضلع ۾ ڪرونا جا 19 ڪيس ظاهر

Read Next

نيب سکر پاران سپليمنٽري ريفرنس داخل ڪرڻ خلاف پي پي ايم اين اي سيد خورشيد شاھ سنڌ ھائي ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

Most Popular