ملڪ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سان ٿيندڙ جنسي زيادتين کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي جوڙيل قانونن تي عمل ڪرائڻ گھرجي: ناري فائونڊيشن سکر ۽ سماجي تنظيم اجلا جي اڳواڻن

سکر(رپورٽ ۔امداد  علي گل ڪلوڙ) ناري فائونڊيشن سکر ۽ سماجي تنظيم اجلا جي اڳواڻن انور مهر، مشتاق ٽانوري، عزرا جمال، عظميٰ سيٺار ۽ ٻين سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سان ٿيندڙ جنسي زيادتين کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي جوڙيل قانونن تي عمل ڪرائڻ گھرجي، قانون تي عمل نه ٿيڻ سبب جنسي زيادتين جا واقعا پيش اچي رهيا آهن. هنن چيو ته ناري فائونڊيشن پاران جنسي زيادتين جي واقعن کي روڪڻ لاءِ چارٽر آف ڊيمانڊ جوڙيو ويو آهي. جنهن ۾ عورتن، نوجوان ڇوڪرين ۽ ٻارڙين سان بدسلوڪي ۽ جنسي ڏاڍائي جي وڌندڙ واقعن کي آڏو رکندي اسين پاڪستان جي حڪومت کان انهن وحشياڻين واقعن کي روڪڻ لاءِ مطالبو ٿا ڪريون ته ٻارڙين کي اسڪولي نصاب ذريعي روزاني زندگي جي بنيادي مهارتن جي تعليم ڏني وڃي. پاڪستان جي حڪومت جنسي حساسيت تي ٻڌل تعليمي نصاب متعارف ڪرڻ لاءِ پختا قدم کڻي. زندگي جي سڀني شعبن ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي تحفظ لاءِ قانونسازي ڪري انهن قانونن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. هنن چيو ته جنسي ڏاڍائي ڪندڙ فردن کي سخت ترين سزا ڏيڻ جو اعلان ڪيو وڃي. ٿاڻن ۾ جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿيندڙ عورتن لاءِ مناسب ۽ سئولو طريقو آندو وڃي جيڪو رپورٽ داخل ڪرائڻ ۾ مددگار ٿئي. حڪومت پوليس آفيسرن کي جنسي ۽ صنفي تشدد جي حساسيت بابت آگاهي کي سندن تربيت جو حصو بڻايو وڃي. حڪومت ٿاڻن ۾ ڏاڍائي جو شڪار ٿيل عورتن لاءِ عورت ڊيسڪ متعارف ڪرائي. جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿيندڙ عورتن ۽ ٻارڙن جا نالا ۽ ٻيا تفصيل راز ۾ رکيا وڃن. عورتن کي تحفظ ڏيندڙ پناهه گاهن ۽ دارالامان جو انگ وڌايو وڃي ۽ دارالامان جي بجيٽ ۾ واڌ ڪئي وڃي ته جئين عورتن جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. هنن چيو ته فوجداري انصاف جو نظام موثر بڻايو وڃي جئين صنفي بنياد تي ٿيندڙ تشدد بابت ڪيسز کي جاچ کان وٺي سزا تائين شفافيت سان اڪلايو وڃي. جنسي زيادتين جي واقعن کي جي حوالي سان ملڪ گير هيلپ لائين متعارف ڪرائي وڃي جيڪا 24 ڪلاڪ ئي متاثرين کي مدد فراهم ڪري. اسين سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي حراسان ڪرڻ خلاف تحفظ ايڪٽ 2010 تحت جنسي تشدد روڪ ڪميٽين جي ٺاهڻ ۽ ان جي سخت نفاذ جو مطالبو ٿا ڪريون.

Read Previous

ڏيڍ مهينو اڳ ٺل مان اغوا ٿي ويل مغوين جي بازياني لاء ٺل جي نوناري برادري پاران سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو

Read Next

سيوهڻ شريف ۽ ڀان سيدآباد شھر ۾ شراب بغير لائسنس جي ۽ منشيات جو ڪاروبار شراب سرعام وڪرو ٿيڻ لڳو

Most Popular