ڏيڍ مهينو اڳ ٺل مان اغوا ٿي ويل مغوين جي بازياني لاء ٺل جي نوناري برادري پاران سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) ڏيڍ مهينو اڳ ٺل مان اغوا ٿي ويل مغوين جي بازياني لاء ٺل جي نوناري برادري پاران  سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي مظاهرين بخت الله نوناري ۔غلام عباس۔غلام ياسين۔فهد الله نوناري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڏيڍ مهينو اڳ نوجوان انيس الرحمان نوناري۔اسامه ۽ عبدالغفار نوناري کي گهر ايندي رستي مان ڏوهارين مظھر مهر۔ميرمهر۔الهوسايو جتوئي ۽ ٻيا  اغوا ڪري ويا هئا مغوين جي آزادي لاء ٽي ڪروڙ ڀنگ جي رقم گهري آھي غريب هجڻ ڪري مغوين جا وارث رقم ادا نه ٿا ڪري سگهن هنن ٻڌايو ته پوليس کي اغوا ڪندڙن جا نالا به ٻڌايا آھن پر ان با وجود پوليس مغوين جي بازيابي لاء ڪي به قدم نه پئي کڻي جڏهن ته جوابدار جلدي ڀنگ جي رقم ادا نه ڪرڻ سبب مغوين کي مارڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين مغوين جي حياتن کي خطرو آھي هنن آء جي سنڌ۔ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۔ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ٻين اختيارن کي اپيل ڪئي آھي ته مغوين کي بازياب ڪرائي سندن حياتيون بچائڻ لاء ڪردار ادا ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي

Read Previous

نيب سکر پاران سپليمنٽري ريفرنس داخل ڪرڻ خلاف پي پي ايم اين اي سيد خورشيد شاھ سنڌ ھائي ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

Read Next

ملڪ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سان ٿيندڙ جنسي زيادتين کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي جوڙيل قانونن تي عمل ڪرائڻ گھرجي: ناري فائونڊيشن سکر ۽ سماجي تنظيم اجلا جي اڳواڻن

Most Popular