يادي صحت مرڪز ننڍا ڏونگر يونين ڪائونسل مناھيءَ ۾ پوليو ۾ بھترين ڪم ڪرڻ تي مڃتا سرٽيفڪيٽ ورھائڻ جي تقريب ٿي گذري

نوشهروفيروز (رپورٽ توحيق احمد ميمڻ)بنيادي صحت مرڪز ننڍا ڏونگر يونين ڪائونسل مناھيءَ ۾ پوليو ۾ بھترين ڪم ڪرڻ تي مڃتا سرٽيفڪيٽ ورھائڻ جي تقريب ٿي گذري جنھن جو مھمان خاص ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر نوشھروفيروز ڊاڪٽر مظهر علي ڪلھوڙو ھو جڏھن ته مھمانن ۾ پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جو صوبائي صدر خادم حسين مستوئي ضلعي صدر حاجي اشرف قريشي جنرل سيڪريٽري محمد يونس وسڻ ڊاڪٽر سڪندر علي ڪلھوڙو ڊاڪٽر وجيه الدين ميمڻ ڊاڪٽر لبنيٰ گانگهرو ڊاڪٽر غلام سرور سميت يوسي جي ليڊي ھيلٿ ورڪرز ۽ سپروائيزرس وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ آيل مھمانن کي اجرڪ ۽ ٽوپيءَ جا تحفا پيش ڪيا ويا ان موقعي تي اڳواڻن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي فخر آھي ته اسان جون ورڪرز پوليو جهڙي موزي مرض  جي خاتمي لاءِ سردي توڙي گرميءَ ۾ ڏورانھن علائقن ۾ وڃي پنھنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏيئي قومي خدمت سرانجام ڏين ٿيون سي حقيقت ۾ جس لھڻن فيلڊ ورڪ تمام ڏکيو ڪم آھي پر اسان جون ٽيمون ڏکيو ڪم پنھنجي زمي کڻي غريب ۽ مسڪين ماروئڙن جي ٻارن کي پوليو کان بچائڻ لاء پُرعزم آھن اڄ جي تقريب ۾ کين نه رڳو سرٽيفڪيٽ ڏنا وڃن ٿا پر کين بھترين ڪم ڪرڻ تي سلامي پيش ڪجي ٿي

Read Previous

سيوهڻ شريف ۽ ڀان سيدآباد شھر ۾ شراب بغير لائسنس جي ۽ منشيات جو ڪاروبار شراب سرعام وڪرو ٿيڻ لڳو

Read Next

نصير آباد : ڪجهه ڏينهن اڳ بيدرديءَ سان قتل ٿي ويل برادري جي چڱي مڙس نصرالله اوڍاڻو جي قتل خلاف ڪندي

Most Popular