نصير آباد : ڪجهه ڏينهن اڳ بيدرديءَ سان قتل ٿي ويل برادري جي چڱي مڙس نصرالله اوڍاڻو جي قتل خلاف ڪندي

ڪنڌرا (رپورٽر ) نصير آباد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ بيدرديءَ سان قتل ٿي ويل برادري جي چڱي مڙس نصرالله  اوڍاڻو جي قتل خلاف آل پاڪستان اوڍاڻا اتحاد ضلع سکر جي اڳواڻن ارشاد علي اوڍاڻو غلام علي اوڍاڻو طالب حسين اوڍاڻو جاويد علي اوڍاڻو سميت ٻين ڪنڌرا جي صحافين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو تفصيل موجب ڪجهه ڏينهن اڳ نصير آباد ۾ دوڪان جي اڳيان پيشاب ڪندڙ شخص شهباز چانڊيو ۽ ٻن ٻين جوابدارن کي دوڪان جي اڳيان پيشاب ڪرڻ تي روڪڻ تان کيس سرون هڻي بي دردي سان قتل ڪيو ويو هو قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس وارثن ۽ مائٽن روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو هو جنهن تي حد جي ايس ايڇ او مير محمد کوسو الٽو مقتول جي وارثن تي ڌرڻو هڻڻ جي ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي آهي هنن جو چوڻ آهي ته اهو ڪٿان جو انصاف آهي  جنهن جو ماڻهو قتل ٿئي ڪيس به انهن تي داخل ڪيو وڃي جيڪڏھن ڪنھن مظلوم کي  انصاف نہ ملندو ته ان صورت ۾ احتجاج ڪرڻ انهن جو حق ٿو بڻجي هنن وڌيڪ چيو ته برادري جي چڱي مڙس شھيد نصر الله اوڍاڻو کي بيدردي سان قتل ڪندڙ  جوابدارن سان نصيرآباد پوليس جو ايس ايڇ او مير محمد کوسو سڌي سنئين ونگار وھي رھيو آهي يا چند ٽڪن تي وڪامجي ويو آهي هنن وڌيڪ چيو ته نصير آباد جو ايس ايڇ او قتل جي مک جوابدار ظھير احمد تنيو کي بچائڻ لاء وارثن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي مقتول جي وارثن کي ھيسائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن مقتول جا وارث قتل تان ھٿ کڻي وڃن تنهن ڪري هنن اعلي اختيارن  ۽ سنڌ حڪومت کان پور زور مطالبو ڪيو آهي ته پوليس جي ڪنهن ايماندار  آفيسر کان جاچ ڪرائي وڃي ۽ مک جوابدار کي فوري طور تي گرفتاري ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ لاڙڪاڻو ڊي آء جي آفيس ۽ سکر ۾ آر پي او آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو

Read Previous

يادي صحت مرڪز ننڍا ڏونگر يونين ڪائونسل مناھيءَ ۾ پوليو ۾ بھترين ڪم ڪرڻ تي مڃتا سرٽيفڪيٽ ورھائڻ جي تقريب ٿي گذري

Read Next

لاڙڪاڻو: پاڪستان پيپلز پارٽي (سپاف) ضلعي طرفان گذريل ڏينهن پارٽي سيڪريٽريٽ ڪينيڊي مارڪيٽ لاڙڪاڻي ۾ ضلعي صدر عبدالرحمنٰ موريو جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ڪوٺايو ويو

Most Popular