دادو شھر ۽ ٻھراڙين ۾ گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ عوام کي بيزار ڪري ڇڏيو صارفين سراپا احتجاج

دادو ( ڊ ر ) دادو شھر ۽ ٻھراڙين ۾ گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ عوام کي بيزار ڪري ڇڏيو صارفين سراپا احتجاج  دادو سئي سدرن گئس آفيس جي زونل مئنيجر قمرالدين سرھيو ۽ ڪلرڪ امام دين ملاح کي ھٽائڻ لاء ڳوٺ صوف خان لنڊ جي رھواسين جو پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ۽ ڌرڻو انموقعي شھرين ۽ صارفين ڪامريڊ منير ا۽مد پنھور ; وقار پنھور ; عاشق ميمڻ ; نثار پنھور  ;   عبدالحفيظ جتوئي ; ۽ ٻين چيو ته سالن کان دادو ۾ رھندڙ گئس آفيس جي  زونل مئنيجر قمرالدين سرھيو ۽ امام دين ملاح ڪرپشن جا رڪارڊ  ٽوڙي ڇڏيا آهن  ڪمپني طرفان پڪا ملازم ھوندي به ھنن پنهنجا عزيز ڀائر ڪچا ملازم  ڀرٿي ڪري ھننکان ھٿرادو لوڊشيڊنگ جو ڪم ورتو وڃي ٿو جيڪي شھر جي ھر ٽي بي ايس تي پھچي گئس جي فراھمي بند  ڪن ٿا بار بار افيس وڃي شڪايتون ڪيون مگر ڪو به تدارڪ نه ٿيو راشي عملو ڳرا بل موڪلي ٿو ۽ آفيس جا گيٽ بند ڪري ڏينهن رات آفيس ۾ ڪرپشن ٿا ھنن چيو ته بااثر ماڻهن ۽ رشوت ڏيندڙن کي پرسنل ڪنيڪشن ڏنا وڃن ٿا جيڪي مسلسل ھلن ٿا باقي غريب عوام  پريشان صبح ۽ شام جو اسڪولي شاگرد  بغير ناشتي جي اسڪول وڃن ٿا ھنن اعليٰ حڪام فورن راشي عملي کي ھٽائي پوري شھر سميت ڳوٺ صوف خان لنڊ کي گئس فراھم  ڪئي وڃي نه ته شھر اندر ھڙتال ڪنداسون

Read Previous

نوشهروفيروز: قدرتي طور هڪ ٻانهن کان وقار حسين قريشي نوڪري جي اپيل ڪندي

Read Next

سانگهڙ ضلعي اندر ڪورونا وائرس جي حوالي سان حساس علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي

Most Popular