سڌار ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران نورپور ۾ ثقافت جي حوالي سان سگهڙ ڪچهري، راڳ رهاڻ

نوشھروفيروز( ڊ ر) ڳوٺ سڌار ويلفيئر ايسوسيئيشن ضلعي نوشھروفيروز پاران نورپور ۾ ثقافت جي حوالي سان سگهڙ ڪچهري، راڳ رهاڻ ٿي گذري جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن سگهڙن سگهڙ محمد بخش سهتو۔ محمد حسن هڪڙو۔ ابل پريو۔ محمد جمن ابڙو۔ گل مورو۔ گل بقا عمراڻي۔ ميول مشوري۔ صمد سهتو۔ استاد خليفو سولنگي۔ بخش علي چانڊيو۔ محمد رمضان سولنگي۔ عبدالحق پلھ۔ شاه لطيف مورائي ۽ ٻين سگهڙ ڪچهري ۾ ڏور بيت۔ ڳجهارتون۔ نڙ بيت۔ گرچيلو ۽ ٻيون سگهڙ صنفون ٻڌائي ڀرپور داد ماڻيو۔ ان موقعي تي سگهڙ حسن هڪڙو۔ گل مورو۔ معشوق وڳڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سگهڙ ڪچهريون اوطاقن جي سونهن آھن ماضي ۾ سنڌ جا ماڻهو ڪانڀون ٻڌي باه جي مچ تي سڄي رات سگهڙ ڪچهريون ڪرائي اوطاقن کي آباد ڪندا هئا هن وقت سنڌ جون اوطاقون ۽ سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شھرن ۾ اهي ڪچهريون ختم ٿي ويون آھن ثقافت واري ڏهاڙي ملهائڻ کان پوء ٻيهر سنڌ جون اوطاقون پر سنڌ جو وستي واهڻ ڏيهه توڙي پرڏيه ۾ سنڌ جو سگهڙ فن ۽ سگهڙ ڪچهرين سان گڏ سنڌ جي ثقافت اجرڪ ٽوپي پٽڪو ٻيهر زنده ٿي پيو آھي۔ هنن چيو ته هاڻي 6 ڊسبر تي اڳ جيان هن ڀيري به تنظيم پاران نورپور کان نوشھروفيروز تائين ڀرپور ثقافتي ريلي ڪڍي ويندي۔ ان موقعي تي سنڌ جي نامياري راڳي صوفي فنڪار فقير اعجاز خاصخيلي ۽ ضامن حيدر سنڌي ثقافت جي حوالي سان ڀٽائي۔ اياز ۽ ٻين صوفي شاعرن جي شاعري ٻڌائي ڀرپور داد ماڻي۔ ان موقعي تي اڪبر مورو۔ رحمت الله مورو۔ عزيز وسڻ۔ عبدالمجيد۔ ممتاز کوکر۔ بلال وسڻ ۽ ٻين پڻ سنڌي ثقافت جي حوالي سان پنهنجا ويچار ونڊيا۔ سگهڙ ڪچهري ۽ راڳ رهاڻ ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو ۽ معصوم ٻار ٽوپي اجرڪ پائي شرڪت ڪئي۔

Read Previous

سيوهڻ شريف رپورٽ: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ميونسپل ڪاميٽي (سٽي) سيوهڻ پاران سيوهڻ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ايس يو پي ضلعي ڄامشوري جي صدر درياء خان لغاري جي صدارت هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي گذري

Read Next

ڄام شوري جي رهواسي رشيده چانڊيو پنهنجي مُڙس صدام حسين سان گڏجي نوابشاهه پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي

Most Popular