سيوهڻ شريف رپورٽ: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ميونسپل ڪاميٽي (سٽي) سيوهڻ پاران سيوهڻ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ايس يو پي ضلعي ڄامشوري جي صدر درياء خان لغاري جي صدارت هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي گذري

سيوهڻ شريف رپورٽ(محمد حنيف شاهاڻي) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ميونسپل ڪاميٽي (سٽي) سيوهڻ پاران سيوهڻ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ايس يو پي ضلعي ڄامشوري جي صدر درياء خان لغاري جي صدارت هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي گذري جنهن ۾ سيوهڻ جي مختلف سياسي، سماجي، مذھبي ۽ قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو. تفصيل موجب سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ميونسپل ڪاميٽي (سٽي) سيوهڻ پاران ضلعي صدر درياء خان لغاري جي صدارت هيٺ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ايس يو پي تعلقي سيوهڻ جي صدر علي اصغر سولنگي، سٽي سيوهڻ جي صدر منصور آزاد چنہ، جسقم اڳواڻ نثار سولنگي، پي ٽي آء اڳواڻ محمد فاروق سولنگي، فنڪشل ليگ جي اڳواڻ سيد مزمل علي شاھ، سيوهڻ سوشل فورم جي اڳواڻ ڪامريڊ مولا بخش نوحاڻي، لال شھباز ٽرسٽ جي چيئرمين علي اڪبر ملاح، تعلقہ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري محمد شريف سولنگي، پ ٽ الف تعلقي صدر محمد بخش رند، جماعت اسلامي جي امير غلام نبي بوزدار، شيعا علماء ڪائونسل جي صفدر نجفي، الحسيني ريسٽ هائوس يونين جي خالد جتوئي، محبان قلندر ويلفيئر جي زوار منظور سولنگي، سنڌ ملاح فورم جي عرفان ملاح، جدوجهد ڪاميٽي جي احسان رند. وڏيرو نياز حسين کوسو  سميت ڪامريڊ شاهد هاليپوٽو، سوڍو خان جتوئي، سهيل ٻرڙو، ماما اصغر ڪوريجو، محمد يعقوب ڀنڀرو، عبدالحڪيم بڙدي، پرويز سومرو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو تہ افسوس سان چوڻو ٿو پوي سيوهڻ شھر جيڪو سي ايم سنڌ مراد علي شاھ جو تڪ آھي پر سيوهڻ واسي هن جديد دور ۾ بہ پيئڻ جي پاڻي کان محروم آھن مختلف وقتن تي لاڳاپيل ادارن کي شڪايتون ڪرڻ باوجود پاڻيءَ جي قلت برقرار آھي جنهن جو بنيادي سبب ٽينڪر مافيا ۽ پبلڪ هيلٿ انتظاميہ جي ملي ڀڳت آھي جنهن سبب شھري خاص طور پسگرداريءَ واريون وسنديون 1000 کان 1500 رپين عيوض پاڻي جا ٽينڪرن خريدڻ تي مجبور آھن گڏوگڏ شھر جي ٻين پاڙن ۽ محلن ۾ پاڻيءَ جي سپلاء لائين جي ٽٽل هئڻ سبب پڻ شھرين لاء آزار جو سبب بڻيل آھي هنن چيو تہ سيوهڻ جا سمورا فلٽر پلانٽ پبلڪ هيلٿ انتظاميہ جي لاپرواهي ۽ ڪرپشن سبب ناڪاره بڻيل آھن جنهن جي سخت مذمت ڪندي ان جو ذميوار پيپلز پارٽي ۽ ان جا ڪمدار بڻيل ادارو پبلڪ هيلٿ کي سمجهون ٿا.

Read Previous

سانگهڙ ضلعي اندر ڪورونا وائرس جي حوالي سان حساس علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي

Read Next

سڌار ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران نورپور ۾ ثقافت جي حوالي سان سگهڙ ڪچهري، راڳ رهاڻ

Most Popular