هينڊس اين جي او لاڙڪاڻي طرفان مختلف اسڪولن توڙي عبادت گاهن ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ احتياطي تدبيرون ڏنيون ويون

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) هينڊس اين جي او لاڙڪاڻي طرفان ضلعي جي مختلف اسڪولن توڙي عبادت گاهن ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ اسڪولي استادن، شاگردن، شاگردياڻين ۽ عبادت گاهن جي پيش امامن کي احتياطي تدبيرون ڏنيون ويون. رپورٽ موجب هينڊس لاڙڪاڻه اين جي او طرفان ضلعي لاڙڪاڻي جي مختلف اسڪولن گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪٻڙو، گورنمينٽ پرائمري اسڪول سوڀو ديرو، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڦلپوٽو، گورنمينٽ پرائمري اسڪول سچل ڪالوني، گورنمينٽ پرائمري اسڪول شيخ زيد ڪالوني سميت 25 اسڪولن ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءُ بابت تربيعتي پروگرام منعقد ڪيا ويا،

جن پروگرامن ۾ اسڪولي استادن توڙي ٻارڙن کي ڪورونا وائرس کان بچاءِ بابت آگاهي ڏني وئي. ان موقعي تي  هينڊس اين جي او جي ضلعي مينئجر اطهر علي چنو چيو ته شهرين کي گهرجي ته هو عوامي ميڙاڪن، شادي تقريبن، مال پڙين، درگاهن، جلسن ۽ جلوسن ۾ شرڪت کان پاسو ڪن ۽ حڪومت پاران لڳايل پابندي تي عمل ڪن، ڪورونا وائرس کان بچاءِ جون سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن، جڏهن ته سڀني جي گڏيل تعاون ۽ احتياط اختيار ڪرڻ سان ئي اسان پاڻ سميت پنهنجي خاندان کي هن موضي مرض کان محفوظ رکي سگهون ٿا. هن چيو ته ڪورونا وائرس هڪ خطرناڪ بيماري آهي، جنهن جي لپيٽ ۾ سڄي دنيا سان گڏ پاڪستان به اچي ويو آهي، جنهن لاءِ اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي وچ ۾ سماجي وٿي کي برقرار رکندي صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکون ته جيئن هن وبا کان بچي سگهجي. هوڏانهن هينڊس اين جي او جي ٽيم ضلعي مينئجر اطهر علي چنو جي اڳواڻي ۾ شهر جي مختلف مسجدن، امام بارگاهن سميت ٻين عبادت گاهن جي پيش امامن ۽ علماء ڪرام سان ملاقاتون ڪري کين ڄاڻ ڏني وئي ته اوهان پنهنجي خطبن دوران عوام کي ڪورونا وائرس کان بچاءُ بابت آگاهي ڏيو ته جيئن هن مرض کان هر پاڪستاني محفوظ رهي سگهي.

Read Previous

ڄام شوري جي رهواسي رشيده چانڊيو پنهنجي مُڙس صدام حسين سان گڏجي نوابشاهه پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي

Read Next

لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل 4 نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

Most Popular