لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل 4 نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل 4 نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ رحمت خاتون سومرو، اقصيٰ دايو، افسانه دايو، عبدالڪريم ٽڳڙ ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي مان 29 مئي 2017ع تي پورهيت درزي انصاف دايو کي کنڀي گم ڪيو ويو، جڏهن ته شهر جي ايوب ڪالوني مان 3 آگسٽ 2018ع تي پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳر کي کنڀي گم ڪيو ويو ۽ ڪراچي جي لاسي ۽ وزير ڳوٺن مان 23 آگسٽ 2020ع تي لاڙڪاڻي واسي ٻن پورهيت ڀائرن فراز احمد ۽ شيراز سومرو کي جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو، جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جڏهن ته نوجوانن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جي گهرن ۾ سخت پريشاني واري لهر ڇانيل آهي. هنن چيو ته اسان جا سڀئي کنڀي گم ڪيل نوجوان ڪنهن به ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث نه آهن ۽ نه ئي وري سندن مٿان ڪو ڪيس وغيره داخل ٿيل آهي هو ته پورهيو ڪري پنهنجي گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندا هئا، جڏهن ته نوجوان جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان مسلسل احتجاج ڪري اپيلون ڪري رهيا آهيون، پر افسوس جو هن وقت تائين اسان جو ڪو به تدارڪ ناهي ڪيو ويو. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي گهر ڀاتين ۾ ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

Read Previous

هينڊس اين جي او لاڙڪاڻي طرفان مختلف اسڪولن توڙي عبادت گاهن ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ احتياطي تدبيرون ڏنيون ويون

Read Next

عمران خان، ڊبل خان ٿي ويو آھي، عمراني حڪومت مھنگائيءَ کانسواءِ عوام کي ڪجھ به ناھي ڏنو : ، ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاھ جيلاني

Most Popular