ڪورونا وائرس: هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ چوونجاهه ڄڻا فوت ٿي ويا

اسلام آباد: ملڪ اندر ڪورونا وائرس جي ٻي لهر تباهي مچائڻ لڳي، وبا هڪ ڏينهن ۾ 54 حياتيون ڳرڪائي ڇڏيون. نيشن ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار 113 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪيسن جو انگ 3 لک 89 311 ٿي ويو، ڪورونا وائرس جي ٻي لهر دوران صرف هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 54 فوتگيون سامهون آيون جنهن کانپوءِ مجموعي انگ 7 هزار 897 تائين پهچي ويو آهي. اين سي او سي موجب پنجاب ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 1 لک 17 هزار 160، سنڌ ۾ 1 لک 68 هزار 783، خيبر پختونواهه ۾ 46 هزار 281، بلوچستان ۾ 17 هزار 8 جڏهن ته اسلام آباد ۾ 28 هزار 980 تائين پهچي ويو آهي.

Read Previous

وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان جو نئون وڏو وزير چونڊي ڇڏيو

Read Next

ايران سندس ٽن قيدين جي بدلي آسٽريلوي تعليم جي ماهر عورت کي آزاد ڪري ڇڏيو

Most Popular