ايران سندس ٽن قيدين جي بدلي آسٽريلوي تعليم جي ماهر عورت کي آزاد ڪري ڇڏيو

تهران: ايران برطانوي ڄائي آسٽريلوي تعليم جي ماهر عورت مور گلبرٽ کي آزاد ڪري ڇڏيو، ان جي بدلي ٿائيلينڊ 3 ايراني قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو. عالمي خابرو اداري موجب ايران ۾ جاسوسي جي الزام هيٺ ٻن سالن کان قيد ملبورن يونيورسٽي سان لاڳاپيل تعليم جي ماهر عورت مور گلبرٽ کي جيل ۾ آزدي جو پروانو ملي ويو، مور گلبرٽ کي 2018 ۾ گرفتار ڪري بند ڪمري ۾ ڪيس هلايو ويو هو ۽ جاسوسي جي الزام هيٺ 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. مور گلبرٽ جي آزادي کان پهريان ٿائيلينڊ اسرائيلي سفارتڪارن تي 2012 ۾ ناڪام بم حملي جي الزام هيٺ قيد 3 ايراني شهرين کي سندن ملڪ جي حوالي ڪري ڇڏيو هو البت ٿائيلينڊ ان عمل کي قيدين جي ڏي وٺ سان ڀيٽڻ کي غلط قرار ڏنو. ٻئي طرف ايران جي سرڪاري ميڊيا جي دعويٰ آهي ته مور گلبرگ کي پرڏيهي ملڪن ۾ قيد 3 ايراني شهرين جي آزادي جي بدلي ڇڏيو ويو، 3 مان هڪ ايراني شهري واپاري آهي ۽ اهو پنهنجي بزنس جي سلسلي ۾ ٿائيلينڊ ويو هو.

Read Previous

ڪورونا وائرس: هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ چوونجاهه ڄڻا فوت ٿي ويا

Read Next

اسان کي پنهنجن فلمن ۽ ڊرامن جون ڪهاڻيون تبديل ڪرڻيون پونديون

Most Popular