مورو محمد انيس ڪلھوڙو: موٽروي پوليس اين فاۂيو ساۂوٿ زون سيڪٽر ٽو سڪرنڊ بيٽ 30 مورو طرفا ن موٽروي کي 23 سال پورا ٿيڻ تي راۂزينگ ڏھاڙو ملھايو ويو جنھن م روڊ سيفٽي واڪ ڪيو ويو ء سالگرھ جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ.ڪاٽيو ويو موٽروي پوليس جو مقصد ماڻھن جي سفر کي آسان۽ محفوظ بڻائڻ آھي ايمانداري، اخلاق ۽ مدد جي ڪري موٽروي پوليس ملڪ ۽ دنيا ۾ نالو ڪمايو آ تفصيل موجب آئي جي موٽروي پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام ايڊيشنل آئي جي ڊاڪٽر آفتاب احمد پٽھان ڊي آئي جي غلام سرور ڀيو ۽ سيڪٽر ڪمانڊر سجاد حسين ڀٽي جي ھدايتن تي ڊي ايس پي بيٽ 30 مورو طرفان موٽروي پوليس جي 23 ھين سال جي سالگرہ جي موقعي تي مختلف پروگرام ڪيا جنھن ۾ موٽروي پوليس جي ايڊمن محبوب الاھي عباسي. آپريشن آفيسر ايم بلوچ. علي اصغر شاھي. ڪرن مصطفا ۽ ٻين افيسرن شرڪت ڪئي..ان موقعي تي ڪيڪ ڪاٽيو ويو قرآن خواني ۽ ڊپارٽمينٽ ۽ ملڪ ۽ قوم لاء خصوصي دعا ڪرائي وئي، ۽ خصوصي بريفنگ به ڏني وئي. آن موقعي تي موٽروي پوليس جي افيسرن ٻڌايو ته اڄ کان ٽيويھ سال پھرين موٽروي پوليس پنھنجون ذميواريون شروع ڪيون ۽ پوري پاڪستان کان علاوه سڄي دنيا ۾ نالو ڪمايو موٽروي پوليس جو مقصد ماڻھن جي سفر کي اسان ۽ محفوظ بڻائڻ آھي . موٽروي پوليس پنھنجي ڊيوٽي کان علاوه ٻين به فلاحي ڪمن ۾ به تمام گھڻو شامل آھي انھن ٻڌايو ته موٽروي پوليس جي ھيلپ لائن به آھي جنھن تي ڪنھن به وقت مدد ايمرجنسي يا حادثي جي صورت ۾ ڪال ڪري اطلاع ڏني وڇي ته جيئن بروقت مدد ڪري سگھجي ان موقعي تي روڊ يوزرن کي روڊ تي ھلڻ ء ڊراۂيونگ باب وڌيڪ ڄاڻ پڻ ڏني وۂي.