سچل سامي جي سي اي او لالا ارشد خاصخيلي چيو آھي ته سڪرنڊ سدائين سورما پئدا ڪيا آھن هن شھر جو دادو لاڙڪاڻو مقابلو ڪري سگھن ٿا

سڪرنڊ:(رپورٽ  اڪبر ملاح شاھ سچل سامي جي سي اي او لالا ارشد خاصخيلي چيو آھي ته سڪرنڊ سدائين سورما پئدا ڪيا آھن هن شھر جو دادو لاڙڪاڻو مقابلو ڪري سگھن ٿا باقي سڪرنڊ شھر سان ڪير مقابلو نٿو ڪري سگھي، اهڙو اظھار هن سڪرنڊ جي اڳوڻي وائيس چيئرمين نوراحمد لاکو پاران سينيئر صحافي قاضي جاويد سنائي جي مان ۾ رکيل تقريب دوران ڳالھائيندي ڪيو، هن چيو ته  سڪرنڊ شھر ۾ ھيرا پئدا ٿيا آھن جن جو تاريخي ڪردار آھي، قاضي جي آئيڊيل شخصيت ٻنھي جھانن جو سردار پاڪ پيغمبر (ص) آھي ۽ ان جي پيروي ڪري پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد ڪندڙ ۽ گند اڇلڻ وارن کي ڪڏهن جواب نه ڏنو آھي قاضي صاحب خدا پاڪ پاران ڏنل صلاحيتن مان ڀرپور فائدو وٺي استعمال ڪري مسڪينن جي ڀلائي وارا ڪم ڪري ٿو، نواب شاھ جي سينيئر صحافي محمد اسماعيل ڊومڪي چيو ته قاضي جاويد شخصيت نه پر هڪ اداري جو نالو آھي جنهن بهادري سان پنهنجي قلم جو استعمال ڪيو آھي، هن وقت سوشل ميڊيا جو دور آھي تيزي سان صحافت اڳتي وڌي رهي آھي ۽ قاضي به پنهنجو جهاد جاري رکيو اچي سچ ته سڪرنڊ وارا خوشنصيب آھيو، اوهان هن اداري مان سکو ۽ آئون به هن کان سکيو آھيان، غلام قادر چانڊيو چيو ته دعا آھي ته قاضي صاحب جيئن گذريل زندگي بهتر گذاري آھي تيئن ايندڙ وقت به گذاري، غلام سرور چاچڙ چيو ته قاضي جاويد تي جيڪو ڳالھائجي اهو گھٽ آھي سائين جي خاندان قلم سياسي سماجي صحافتي ديني شھري خدمتن مان ڪنھن تي ڳالھائجي هي صرف سڪرنڊ جو نه پر هي نوابشاھ جو به ايڌي آھي، ميزبان ۽ اڳوڻي وائيس چيئرمين چيو ته قاضي صاحب جھڙا انسان پئدا ٿيندا رهن، هن جي ڀاء قاضي سرفراز ايم آر ڊي تحريڪ ۾ يادگار ڪردار رهيو آھي جيڪو سلسلو اڄ قاضي جي قلم جي صورت ۾ موجود آھي، هن سڪرنڊ ۽ نوابشاھ جي صحافين کي سلام پيش ڪندي چيو ته هتان جي صحافين سماجي خدمتون ڪيون آھن، غلام حيدر سولنگي چيو ته قاضي جي رت ۾ وڏن کان کان وٺي خدمت جو جذبو ڀريل آھي قاضي جاويد سنائي چيو آئون ايترو لھان ڪونه ٿو جيترو اوهان پيار ڪيو ٿا جيترو اوهان اميدون رکو ٿا دعا ڪيو اهڙو ٿي پوان۔ ايم آر ڊي ۾ اسان جي خاندان جو مزاحمتي ڪردار ورثي ۾ مليو آھي پر مون مزاج تبديل ڪيو ۽ سوچيو جھيڙو ڪري مسئلو حل ڪرڻ کان بهتر آھي ٽيبل ٽاڪ ڪري مسئلا حل ڪجن ته بهتر آھي ۽ ائين کوڙ مسئلا حل به ڪرايا آھن پروگرام ۾ ٻين کان علاوه رئيس علي شير لاکو، رئيس نذير احمد لاکو، تاج محمد مگسي، شاهنواز لاکو، محمد جمن، لياقت علي مگسي، علي حسن کوکر، استاد عبدالطيف ملاح، رضا محمد سيال، استاد عمر عمراڻي، منظور علي سيال، مولا بخش لغاري، علي اڪبر ملاح، جاويد علي سومرو، تيمور خان لاکو، علي اصغر لاکو، سيد رياض حسين شاھ، ڊاڪٽر غلام رسول ڪيريو، صدر الدين ڪيريو، منٺار علي لاکو، گل محمد لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي قاضي جاويد کي شريڪ ٿيندڙ مھمانن اجرڪ  سنڌي شال ۽ گلاب جي گلن جي هارن جون مالھائون پارائي پنهنجي پنهنجي محبت جو اظھار ڪيو۔

Read Previous

مورو محمد انيس ڪلھوڙو: موٽروي پوليس پاران 23 سال پورا ٿيڻ تي راۂزينگ ڏھاڙو ملھايو ويو

Read Next

نااهل ۽ ناڪام عمران حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن عمران حڪومت ٻن ڏينهن جي مهمان آهي : ن ضلعي سکر جي صدر خورشيد ميراڻي

Most Popular