مورو محمد انيس ڪلھوڙو: موٽروي پوليس پاران 23 سال پورا ٿيڻ تي راۂزينگ ڏھاڙو ملھايو ويو

مورو محمد انيس ڪلھوڙو:   موٽروي پوليس اين فاۂيو ساۂوٿ زون سيڪٽر ٽو سڪرنڊ بيٽ  30 مورو طرفا ن موٽروي کي 23 سال پورا ٿيڻ تي راۂزينگ ڏھاڙو ملھايو ويو جنھن م روڊ سيفٽي واڪ ڪيو ويو ء سالگرھ جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ.ڪاٽيو ويو  موٽروي پوليس جو مقصد ماڻھن جي سفر کي آسان۽ محفوظ بڻائڻ آھي  ايمانداري، اخلاق ۽ مدد جي ڪري موٽروي پوليس ملڪ ۽ دنيا ۾ نالو ڪمايو آ تفصيل موجب  آئي جي موٽروي پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام ايڊيشنل آئي جي ڊاڪٽر آفتاب احمد پٽھان ڊي آئي جي غلام سرور ڀيو ۽ سيڪٽر ڪمانڊر سجاد حسين ڀٽي جي ھدايتن تي ڊي ايس پي بيٽ 30 مورو طرفان  موٽروي پوليس جي 23 ھين سال جي سالگرہ جي موقعي تي مختلف پروگرام ڪيا جنھن ۾ موٽروي پوليس جي ايڊمن محبوب الاھي عباسي. آپريشن آفيسر ايم بلوچ.  علي اصغر شاھي.  ڪرن مصطفا ۽ ٻين افيسرن شرڪت ڪئي..ان موقعي تي ڪيڪ ڪاٽيو ويو قرآن خواني ۽ ڊپارٽمينٽ ۽ ملڪ ۽ قوم لاء خصوصي دعا ڪرائي وئي، ۽ خصوصي بريفنگ به ڏني وئي. آن موقعي تي موٽروي پوليس جي افيسرن ٻڌايو ته اڄ کان ٽيويھ سال پھرين  موٽروي پوليس پنھنجون ذميواريون شروع ڪيون ۽ پوري پاڪستان کان علاوه سڄي دنيا ۾ نالو ڪمايو موٽروي پوليس جو مقصد ماڻھن جي سفر کي اسان ۽ محفوظ بڻائڻ آھي . موٽروي پوليس پنھنجي ڊيوٽي کان علاوه ٻين به فلاحي ڪمن ۾ به تمام گھڻو شامل آھي  انھن ٻڌايو ته موٽروي پوليس جي ھيلپ لائن به آھي جنھن تي ڪنھن به وقت مدد ايمرجنسي يا حادثي جي صورت ۾ ڪال ڪري اطلاع ڏني وڇي ته جيئن بروقت مدد ڪري سگھجي ان موقعي تي روڊ يوزرن کي روڊ تي ھلڻ ء ڊراۂيونگ باب وڌيڪ ڄاڻ پڻ ڏني وۂي.

Read Previous

سجاول : ھڪ ئي ٽي ايم او ۽ ھڪ ئي ايڊمسٽيٽر وٽ ٻن ٽائون ڪميٽي جي چارج ھجڻ تي ٻئي ٽائون ڪميٽيون جا شھر کنڊرات ۾ تبديل ٿي ويا

Read Next

سچل سامي جي سي اي او لالا ارشد خاصخيلي چيو آھي ته سڪرنڊ سدائين سورما پئدا ڪيا آھن هن شھر جو دادو لاڙڪاڻو مقابلو ڪري سگھن ٿا

Most Popular