نوشهروفيروزۡ ڳوٺ مولاداد گهرن تي چڙهائي ڪري هٿيارن جي زور تي غلام نبي، محمد ياسين، محمد شريف ۽ مير محمد کي فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو

نوشهروفيروز (ڊ ر( ڳوٺ مولاداد مري جا رهواسي وڪيل عبدالغفور مري، غلام نبي، وڪيل محمد صالح، ننگر خان مري ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد صحافين کي ٻڌايو ته 4 مهينا اڳ مال جي ڀيل تان جوابدار عبدالستار، عبدالقيوم، عبدالوهاب، عبدالحئي مري جيڪي ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن هنن گهرن تي چڙهائي ڪري هٿيارن جي زور تي غلام نبي، محمد ياسين، محمد شريف ۽ مير محمد کي فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو هو جنهن کي نوابشاهه ۽ ڪراچي جي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو هو جيڪي وڏي ڪوششن کان پوءِ بچيا آهن اسان اهڙي واقعي جو ڪيس نوشهروفيروز ٿاڻي تي داخل ڪرايو پر چار مهينا گذري وڃڻ ۽ ڪورٽ جي حڪمن باوجود جوابدارن کي هن مهل تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو. جڏهن ته نوشهروفيروز پوليس رشوت عيوض جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ انهن جو تحفظ ڪري رهي آهي. هنن چيو ته پوليس اهلڪار عبدالرحيم مري ۽ عبدالوهاب مري موتمار ۽ بُرن نتيجن ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن مان پڻ اسان کي جان جو خطرو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گهرن تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

Read Previous

نااهل ۽ ناڪام عمران حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن عمران حڪومت ٻن ڏينهن جي مهمان آهي : ن ضلعي سکر جي صدر خورشيد ميراڻي

Read Next

نوشهروفيروز : سياسي سماجي، ادبي ۽ صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري قاتلن جي گرفتاري لاءِ شديد نعريبازي ڪئي وئي

Most Popular