نوشهروفيروز : سياسي سماجي، ادبي ۽ صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري قاتلن جي گرفتاري لاءِ شديد نعريبازي ڪئي وئي

نوشهروفيروز(ڊ ر) شهيد عزيز ميمڻ جي مک قاتل کي گرفتار نه ڪرڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان سياسي سماجي، ادبي ۽ صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري قاتلن جي گرفتاري لاءِ شديد نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور، محمد علي خشڪ، پريس ڪلب جي صدر محمد يونس راڄپر، مشتاق مري، گل مورو، زاهد راڄپر، مظهر خاصخيلي، خادم حسين مري، اسلم سيال، ممتاز سولنگي، زاهد قائمخاني ۽ ٻين چيو ته شهيد عزيز ميمڻ جي قتل واري واقعي کي 10 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي پر هن وقت تائين ان جو مک قاتل مشتاق سهتو اڃا تائين گرفتار ناهي ٿي سگهيو ڪيترائي ڀيرا ڊي آءِ ۽ ايس ايس پي آفيس جي اڳواڻي ۾ سنڌ سرڪار جي حڪم تي جي آءِ ٽي جڙي چڪيون آهن پر پوءِ به اصل قاتل کي گرفتار ناهي ڪيو ويو رهندو شهيد صحافي جي ڀائرن ۽ گهرن ڀاتين کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن نه وري کين تحفظ ڏنو پيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جا سمورا صحافي عزيز ميمڻ واري واقعي تي سراپا احتجاج  آهن ان باوجود ان جو نوٽيس اڃا تائين نه ٿو ورتو وڃي. هنن چيو ته شهيد عزيز ميمڻ جي قتل واري واقعي جو سپريم ڪورٽ کي از خود نوٽيس وٺڻ گهرجي تڏهن ئي شهيد جي وارثن کي انصاف ملي سگهندو. هنن چيو ته شهيد عزيز ميمڻ جي مک قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

Read Previous

نوشهروفيروزۡ ڳوٺ مولاداد گهرن تي چڙهائي ڪري هٿيارن جي زور تي غلام نبي، محمد ياسين، محمد شريف ۽ مير محمد کي فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو

Read Next

ڪنڌرا لڳ ڳوٺ ڄاماڻي جي رهواسين شاهه لطيف ٿاڻو خيرپور جي ايس ايڇ او سڪندر علي ملڪاڻي ۽ وڏيري شرف الدين شنباڻي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

Most Popular