وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو بائيو ڪيسمٽري شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر جي رٽائر ٿيڻ تي سندس اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو

خيرپور (ڊر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو بائيو ڪيسمٽري شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد حسن خاصخيلي جي رٽائر ٿيڻ تي سندس اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد  ابوپوٽو چيو ته ڊاڪٽر حسن خاصخيلي يونيورسٽي جي ترقي ۾ پنهنجو ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته استاد کي سماج ۾ اهو مقام ۽ مرتبو نٿو ڏنو وڃي جيڪو انهن جو حق آهي. وقت جي ضرورت آهي ته استادن کي سماج ۾ اها عزت ڏني وڃي ڇاڪاڻ جو استاد سماج ۾ علم جا مينار هوندا آهن. ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو چيو ته ڊاڪٽر حسن خاصخيلي شريڪ سپروائزر طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. ان موقعي تي ڊاڪٽر محمد حسن خاصخيلي چيو ته وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو هڪ مدبر ليڊر آهي جيڪو يونيورسٽي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر حسن خاصخيلي پنهنجي زندگي، تعليم ۽ ڪيرئير بابت ٻڌايو. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز حسين مهر ڊين فيڪلٽي آف فزيڪل سائنسز، پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ مشوري ڊين فيڪلٽي آف آرٽس ۽ لينگويجز، پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز علي جوڻيجو ڊين فيڪلٽي آف مينجمنٽ سائنسز، پروفيسر ڊاڪٽر مينهون خان لغاري صدر شاه عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرز ايسوسيئيشن (سلوٽا)، پروفيسر ڊاڪٽر اختيار علي گھمرو جنرل سيڪريٽري سلوٽا، پروفيسر ڊاڪثر احمد دين راڄپر، ڊاڪٽر ماجد انصاري، پروفيسر ڊاڪٽر پير بخش گھمرو، پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ۽ مريد حسين ابوپوٽو پڻ ان موقعي تي خطاب ڪيو.

Read Previous

خيرپور ڀرسان ٻٻرلو شهر ۾ شيخ ۽ سيد برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

Read Next

سانگهڙ: نوابشهاه سانگهڙ خوني روڊ اسٽاپ، روزانو حادثي معمول

Most Popular