خيرپور ڀرسان ٻٻرلو شهر ۾ شيخ ۽ سيد برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

خيرپور (ڊر) خيرپور ڀرسان ٻٻرلو شهر ۾ شيخ ۽ سيد برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، خبر موجب خيرپور ڀرسان ٻٻرلو شهر ۾ شيخ ۽ سيد برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺين، مڪن، سروٽن جو آزادانه استعمال ٿيو جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب ذيشان پٽ وسيم شيخ زخمي ٿي پيو، جيڪو اسپتال نيئندي رستي ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، ٻٻرلوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وڌيڪ جهيڙي کي ٽاري ڇڏيو ۽ علائقي ۾ پوليس پۡت قائم ڪري ڇڏي، جيئن وڌيڪ جهيڙو نه ٿي سگهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو، نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي هئي.

Read Previous

قاضي احمد لڳ ڳوٺ مير خان پکريو واسيڻ مسمات لطيفان زال خميسو جوڻيجو پنھنجي مڙس ء پٽ اياز جوڻيجو سان گڏجي دانھيندي

Read Next

وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو بائيو ڪيسمٽري شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر جي رٽائر ٿيڻ تي سندس اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو

Most Popular