صرافه ايسوسي ايشن روهڙي جو چونڊ اجلاس محمد نديم جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ صرافه ايسوسي ايشن روهڙي جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

سکر(                 ) صرافه ايسوسي ايشن روهڙي جو چونڊ اجلاس محمد نديم جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ صرافه ايسوسي ايشن روهڙي جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سڀني ميمبرن گڏيل راءِ سان محمد نديم کي هڪ ڀيرو ٻيهر بلا مقابله صدر چونڊيو، جڏهن ته محمود عباسي کي جنرل سيڪريٽري، نديم راجپوت کي خزانچي، عمران علي عباسي کي پريس سيڪريٽري جي لاءِ چونڊيو ويو، بعد ۾ سکر اسمال ٽريڊرز ۽ صرافه ايسوسي ايشن سکر جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ روهڙي پهچي ڪري نئين چونڊيل صدرمحمدنديم ۽ ٻين کي گلن جا هار پهرائي ڪري مبارڪباد ڏني ۽ مٺائي کارائي، ان موقعي تي خطاب ڪندي حاجي محمد جاويد ميمڻ جو چوڻ هو ته جمهوري انداز سان پاڻ ۾ مشاورت سان چونڊ ڪرائڻ خوش آئنده اقدام آهي، اسان هميشه صرافه باار جي واپارين، دڪاندارن، ڪاريگرن سميت پوري شهر جي واپارين جي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ واپارين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري واپارين جي اتحاد ۽ يڪجهتي کي قائم رکندي اجتماعي مفاد ۾ ڪم ڪيو آهي، روهڙي جي سونارن به اتحاد ۽ يڪجهتي جو مثال قائم ڪيو آهي، اميد آهي ته نئون چونڊيل صدر ۽ ٻيا عهديدار دڪاندارن جي مسئلن جي حل لاءِ بهتر انداز سان ڪم ڪندا، ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي پاران هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريون ٿا، جيڪڏهن ڪنهن به دڪاندارن کي ڪو مسئلو آهي ته هو اسان سان رابڀو ڪري سگهي ٿو. اسان سندس جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻنداسين، ان موقعي تي نئين چونڊيل صدر محمدنديم جو چوڻ هو ته صرافه بازار جي ميمبرن مون تي اعتماد جو اظهار ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر صدر چونڊي ڳري ذميواري وڌي آهي، انشا الله ماضي وانگر آئنده به انهي انداز سان واپارين جي اتحاد ۽ يڪجهتي کي برقرار رکندي انهن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪنداسين، ان موقعي تي محمد اڪرم، محمد جاويد، دانش ميمڻ ۽ ٻيا به موجود هئا.

Read Previous

سانگهڙ: نوابشهاه سانگهڙ خوني روڊ اسٽاپ، روزانو حادثي معمول

Read Next

سنڌ ڌرتي جي ماڻهن هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ عوام گذريل سال آزادي مارچ تي جميعت جي آواز تي لبيڪ چئي اسلام آباد جو سفر ڪيو هو : جي يو آءِ جي سربراھ مولانا فضل الرحمنٰ

Most Popular