سنڌ ڌرتي جي ماڻهن هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ عوام گذريل سال آزادي مارچ تي جميعت جي آواز تي لبيڪ چئي اسلام آباد جو سفر ڪيو هو : جي يو آءِ جي سربراھ مولانا فضل الرحمنٰ

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) جميعت علماءِ اسلام سنڌ لاڙڪاڻي طرفان شهيد ڊاڪٽر علامه خالد محمود سومرو جي 6 ورسي جي موقعي تي گذريل ڏينهن شهر جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ شهيد اسلام ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. جنهن ڪانفرسن ۾ پي ڊي ايم ۽ جي يو آءِ جي سربراھ مولانا فضل الرحمنٰ، مرڪزي سيڪريٽري جنرل سينيٽر جنرل مولانا عبدالغفور حيدري، مولانا محمد امجد خان، مولانا راشد محمود سومرو، مولانا ناصر محمود سومرو، طارق محمود سومرو، محبت علي کهڙو، حميد الله سيال سميت سموري پاڪستان جي مختلف شهر کان آيل اڳواڻن توڙي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شهيد اسلام ڪانفرسن کي خطاب ڪندي پي ڊي ايم ۽ جي يو آءِ سربراھ مولانا فضل الرحمنٰ چيو ته سنڌ ڌرتي جي ماڻهن هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ عوام گذريل سال آزادي مارچ تي جميعت جي آواز تي لبيڪ چئي اسلام آباد جو سفر ڪيو هو ۽ 15 ڏينهن تائين مشڪل گهڙيون گذاريندي پوري دنيا کي پيغام ڏنو ته پاڪستان جا حڪمران قابل نفرت آهن ۽ انهن کي هو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، اسان جو عزم اڄ به جوان آهي، اڄ به اسان استقامت سان پنهنجي موقف تي بيٺا آهيون ۽ هن ڌرتي تي غلام ٿي رهڻ لاءِ پئدا نه ٿيا آهيون، اسان جي مائرن اسان کي غلامي لاءِ پئدا ناهي ڪيو، اسان ان آزادي جي تاريخ کي رقم ڪري رهيا آهيون، اسين پنهنجي اينڊڙ نسلن جي لاءِ شرمندگي ڇڏڻ نه ٿا چاهيون، عالمي قوت ۽ ادارا پاڪستان کي پنهنجي ڪالوني سمجهن ٿا مان کين ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته جڏهن انگريز برطانيه ۾ برصغير کي پنهنجي ڪالوني بڻائڻ پئي چاهيو ته اسان آزادي جي جنگ وڙهي، جيڪڏهن برطانيه يا ٻيو ڪير به سمجهي ٿو ته پاڪستان انهن جي ڪالوني آهي ته اڄ هن جلسي جي ذريعي انهن جي خلاف به جنگ جو اعلان ڪريان ٿو. هن چيو ته عجيب دور اچي ويو آهي ته جنهن دوران ۾ پاڪستان جي نظرياتي شناخت کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ اسان جي اسلامي تعارف کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسلام جي چهري کي داغدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن اهي ڀلي آئين کي نه مڃن پر جيڪي آئين کي نه ٿا مڃين ۽ عالمي قوتون چاهين ٿا ته پارليامينٽ پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسين انهن طاقتور طاقتن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون اسين قاديانين کي ڪنهن به صورت قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته هن ملڪ ۾ عقيده ناموس کي تحفظ، ناموس صحابه کي تحفظ حاصل ناهي جڏهن رياست جي نگراني ۾ انهن جي ڳجهي ڪارڪردگي جي ذريعي ملڪ ۾ فرقيواريت کي هوا ڏئي ادارا قائم ڪيا پيا وڃن ته اهي ماڻهو پاڪستان کي خانه جنگي ڏانهن ڌڪڻ چاهن ٿا، اسان هميشه يڪجهتي، مذهبي هم آهنگي جي ڳالهه ڪئي آهي اسين هن ملڪ ۾ هڪ قوم وانگر رهڻ چاهيون ٿا پر جيڪڏهن هڪٻئي جي مفادن جو احترام نه ٿو ڪيو وڃي اوسيتائين اسين هڪ قوم ٿي رهي نه ٿا سگهون. هن چيو ته هر شيءَ جون حدون آهن جيڪڏهن اوهين ٻين جي حدن ۾ داخل ٿيندئو ته پوءِ فساد ته ٿيندو، آءُ اها ڳالهه اسٽيبلشمينٽ سان ڪرڻ چاهيان ٿو ته حق حڪمراني عوام جي آهي اوهين ملازم آهيون، جيڪڏهن اوهين حق حڪمراني جي حدن ۾ عوام جا حق کسڻ جي ڪوشش ڪندئو ته پوءِ اسٽيبلشمنٽ بمقابله پاڪستاني عوام تصور ڪيو ويندو ۽ اسان کان شڪايت نه ڪيو پنهنجي نيت ۽ ڪارڪردگي ۽ غلط سوچ کان شڪايت ڪيو، اسين آئين جي مطابق پاڪستان ۾ زندگي گذارڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اسين اِهو به ڄاڻون ٿا ته 18 هين ترميم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن موجوده ناجائز حڪومت به اِها ئي ايجنڊا کڻي اچي رهيو آهي ته 18 هين ترميم کي ختم ڪيو وڃي ۽ هي صوبن جي حقن کي ختم ڪرڻ چاهن ٿا پر اسين صوبن جا حق کسڻ نه ڏينداسين، صوبن جا حق، وسيلا آهن، سنڌ جا حق ۽ ٻيٽ آهن، اسين وڏي واڪي چيون ٿا ته سنڌ جي وسيلن جي سنڌ جي ٻچڙن جو حق آهي ۽ اهي ڪنهن به کسڻ نه ڏينداسين، هر صوبي جو عوام پنهنجي وسيلن جي مالڪي چاهي ٿو. هن چيو ته موجوده حڪومت جنهن کي ڌانڌلي جي ذريعي ۽ ايجنڊا جي ذريعي آندي وئي اهڙيون حڪومت ان ڪري اينديون آهن جو اهي طاقتور جي ايجنڊائن کي پورو ڪن، اسين ڪنهن به اها راند کيڏڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته اڄ مهانگائي ايتري وڌي آهي جو غريب ماڻهو راشن وٺڻ جي قابل ناهي رهيو، عورتن کي پنهنجي ٻچن جي بک برداشت نه ٿي ٿئي ۽ هو پنهنجي ٻارن کي ذبع ڪن ٿا ڇا پاڪستان ان لاءِ ٺاهيو ويو، هن حڪومت کي احساس ئي نه ٿو ٿئي ته پوءِ هي ڪهڙي منهن سان انصاف جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، اوهان جي چهرن مان ظلم نظر اچي رهيو آهي ۽ قيامت جي ڏينهن اوهين مظلومن جي دانهن جو جواب ڪيئن ڏيندئو، اوهان کي انسانن مٿان رحم نه پيو اچي. هن چيو ته 6 سالن جي عرصي دوران شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي خون سان انصاف نه ٿيو ۽ انصاف ۾ دير به قتل جي ذمري ۾ ٿو اچي انهن سمورن شين جو هڪ مقافات عمل آهي پر اسين اهي ماڻهو نه آهيون جو حوصلو هارايون اسين حوصلي ۽ همٿ سان اڳتي وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته ملڪ جون سموريون پارٽيون ان ڳالهه تي متف آهن ته ملڪي معيشت، زراعت کي تباهه ڪيو ويو، اسين کنڊ ٻاهر اماڻيندا هئاسين هاڻي اسين ڪپهه به درآمد ڪري رهيا آهيون، آءُ هميشه چوندو آهيان ته هي جڏهن به زبان کوليندو آهي ته ڪو ڊاڙ ضرور هڻندو آهي، چون ٿا ته وقت تي بارشون نه ٿيون ان ڪري زراعت کي نقصان ٿيو، ٻه سال اڳ ته بارشون ٿينديون هيون، انهن کي ڪرامت بدران نحوست ڪم آئي اهي سڀ ڪم پنهنجي نحوست تي وجهو اوهان جي پاڪستان ۾ موجودگي نحوست کان گهٽ ناهي. هن چيو ته سي پيڪ منصوبو کي تباهه ڪرڻ، چين جي اعتماد ۽ سرماياڪاري کي تباهه ڪرڻ انهن جي ايجنڊا هئي، هنن هندوستان جي ڪمشير بابت فيصلي کي تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ انهن کي ان ڪري حڪومت ڏني وئي آهي ته جو ڪشمير جي مسئلي ۽ پاڪستان جي جاگرافيائي کي ختم ڪري سگهجي. هن چيو ته 72 سالن کان وٺي اسين ڪشميرين جي خون، قربانين، عورتن جي عزت ۽ ناموس تي سياست ڪندا رهياسين پر هنن ان کي قانوني حيثيت ڏني، اوهان ڇو ڪشميرين سان 70 سالن تائين ڪوڙ ڳالهايو اوهان ڪهڙي ڏوهه جي انهن کي سزا ڏئي رهيا آهيو، اوهان کي ڪنهن اختيار ڏنو آهي ته اوهين فيصلا ڪريو پر ملڪ جي جاگرافيائي کي تبديل ڪرڻ جي ڪنهن به حڪومت کي اجازت ناهي. هن چيو ته اسين پوئتي هٽي ڪري چوندا آهيون ته اسين ايترو ڪلوميٽر خيرسگالي جي لاءِ ڏنو، پاڪستان جي سرزمين جي انچ انچ جي حفاظت اوهان جي ذميوري آهي انهن ڳالهين ۾ 70 سال لڳي ويا ۽ اوهين قوم سان ڪوڙا ڳالهائي حڪومت ڪري رهيا آهيون ۽ ڪوڙ سان قوم کي وندرايو پيو وڃي. هن چيو ته اسرائيل کي تسليم ڪرائڻ جي لاءِ حڪمران چون ٿا ته انهن مٿان دٻاءُ آهي، اوهان جون پرڏيهي پاليسي جي ڪري اهي مسئلا ٿي رهيا آهن، اڄ سعودي عرب پنهنجا پئسا گهري رهيو آهي، يو اي اي ۽ چين ناراض آهن، بنگلاديش، انڊونيشيا، نيپال، افغانستان، ايران ۽ ٻيا ملڪ ترقي ڪري رهيا آهن ان ۾ صرف پاڪستان پوئتي آهي، هاڻي انهن کي ٻاهر اڇلائي ڇڏينداسين. هن چيو ته اڄوڪي دور ۾ رياستن جو دارومدار رياستن تي هوندو آهي جيڪڏهن معيشت ايتري ڪمزور هوندي ته رياست ٿڏندي آهي، معيشيت اتي وڃي پڳي آهي جو ملڪ ڪمزور ٿي رهيو آهي، اڄ رياست ڏوهه ڪري رهيو آهي، ٿورو سوچ ڪيو، اڄ اسين دفاعي قوت ۽ اوهين اسان جا اسٽيبلشمنٽ ۽ طاقت آهيون، اسين اوهان کي طاقتور ڏسڻ چاهيون ٿا اوهان کي به رياست کي مضبوط ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اڄ اسين مجبور ٿي عوام جي سامهون ائي ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، سياست ڪرڻ عوام جو حق آهي، آئين ۽ جمهوريت عوام جو ڪم آهي، اوهان ڌانڌلي جي ذريعي عوام کان حق کسيو ٿا ته پوءِ ان جو مقابلو ڪرڻ اسان جي ايمان جو حصو آهي ۽ پوئتي هٽڻ کي گناهه ڪبيرا سمجهون ٿا. هن چيو ته اسان سمورن اپوزيشن پارٽين کي گڏ ڪيو ۽ اسين سڀ گڏ آهيون، 30 نومبر تي ملتان ۾ جلسو ڪرڻ وڃي رهيا آهيون پر ان کان اڳ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، اوهان کي ڪنهن چيو آهي ته اوهان گرفتارين سان جلسي کي روڪيندئو، اوهان جيترو روڪيندئو اوترو عوام جو جذبو وڌي ويندو، جيئن ٻين جلسن ۾ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ملتان ۾ به عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته ڏينهن رات هڪ ڳالهه اسرائيل کي تسليم ڪرڻ ڪير ائين نه ٿو چوي ته فلسطين کي تسليم ڪيو اها سرزمين فلسطين جي آهي ۽ يهودين کي 100 سال به نه ٿا ته اهي فلسطين آيا هئا، 1948ع اسرائيل وجود ۾ آيو ۽ پاڪستان کان هڪ سال پوءِ ان جي باري ۾ باني پاڪستان چيو هو ته اسين فلسطينين سان گڏ آهيون، آءُ حيران آهيان ته قائداعظم جي ڳالهه ڪندڙ ۽ ان جي ورهاست جا دعويدار اڄ فلسطينين جي مقابلي ۾ اسرائيل جو ساٿ ڏيڻ چاهن ٿا، باني پاڪستان جي مزار تي جيڪڏهن ڪو شخص ووٽ جي عزت جو نعرو لڳائي ٿو ته اها باني پاڪستان جي توهين آهي ته پوءِ باني پاڪستان چيو ته اسين فلسطين سان گڏ آهيون ۽ اسرائيل کي اتي نه هجڻ گهرجي، 1940ع جو ٺهراءُ به ان جو حصو آهي. هن چيو ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي ڳالهه بعد ۾ ڪئي وڃي پهريان فلسطين، ان جي سرزمين ۽ بيت المقدس کي فلسطين جو حصو تسليم ڪيو وڃي. هن چيو ته ميڊيا جي ڳلي کي دٻائڻ آمريت جي نشاني آهي ان ڪري ملڪ ۾ جمهوريت نه پر ڊڪٽيٽرشپ آهي، انشاءَ الله اسين ان حوالي سان ادارن سان گڏ آهيون ۽ سول ادارن کي مضبوط ڪيو وڃي اسين انهن سان گڏ آهيون نه ڪي انهن کي ڪمزور ڪرڻ چاهيون ٿا، محڪوم جي مظلوم تي حڪومت هلڻ نه ڏينداسين هن ناجائز حڪومت کي گهر ڀيڙو ٿيڻو پوندو ان سان پاڪستان جو مستقبل اونداهو آهي ان جي تائيد اسان جي ملڪ جو آئين ڪري ٿو، اسين هڪ آهيون ۽ هڪ طاقت ٿي وڙهڻي هڪ تحريڪ کي اڳتي وڌائڻو آهي.

Read Previous

صرافه ايسوسي ايشن روهڙي جو چونڊ اجلاس محمد نديم جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ صرافه ايسوسي ايشن روهڙي جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

Read Next

ڀان سيدآباد: خداآباد پوليس اسٽيشن جي حد ڳوٺ پاروجو کوهه ۾ نوجوان ناري قتل

Most Popular