اينڊسٽريز کي پيڪيج ڏيڻ سان ڪاروبار ۾ تيزي ايندي: حنيد لاکاڻي

ڪراچي : سربراهه يبت المال سنڌ حنيد لاکاڻي چيو آهي ته زرعي ۽ صنعتي شعبن جي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت جي حڪمت عملي ۽ ڪاوشون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي صنعتن لاءِ رليف پيڪيج ڏيڻ کانپوءِ معاشي ترقي ۾ تيزي آئي آهي. ماضي جي حڪومتن ۾ اربين رپين جو ريفنڊ باقي هو جيڪو موجوده حڪومت ادا ڪري دانشمنداڻو قردار ادا ڪيو آهي. هڪ سروي مطابق گذريل 4 مهينن کان پاڪستاني معشيت ۾ وڏي بهتري آئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار حنيد لاکاڻي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪندڙ بيان ۾ ڪيو. حنيد لاکاڻي چيو ته ماضي جي حڪمرانن ذاتي مفادن جي ڪري تونائي شعبي کي وڏو نقصان پهچايو جنهن سبب ملڪي خزاني کي وڏو نقصان پهتو هو. تاجرن کي ريفنڊ ڪليمز نه ڏنا ويا. مراعاتون نه ملڻ جي ڪري انڊسٽري بحران جو شڪار رهي. پي ٽي آئي حڪومت اهڙي غلطي نه ڪندي جنهن سان ملڪي خزاني کي نقصان رسي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم عمران خان قوم سان ڪيل پنهنجا وعده پورا ڪري ڏيکاريندو. حنيد لاکاڻي وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جو پهريون ترقياتي شعبي لاءِ اعلان ڪيو هو جيڪو صنعت لاءِ تمام گهڻو فائيديمند ثابت ٿيندو. ۽ هاڻ انڊسٽريل شعبي لاءِ پيڪيج ملڪي معيشت کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو ۽ تاجرن سميت بين الاقوامي سرمائي ڪارن کي به سرمائي ڪاري لاءِ موقعيو پڻ فراهم ٿيندو

Read Previous

دادو شاگرد يونين جي بحالي لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري کان دادوپريس ڪلب تائين مارچ ريلي ڪڍي وئي

Read Next

بلاول ڀٽو سان شادي، مهوش جو جواب ”ها“ ۾ اچي ويو

Most Popular