دادو شاگرد يونين جي بحالي لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري کان دادوپريس ڪلب تائين مارچ ريلي ڪڍي وئي

دادو ( ڊ ر ) دادو شاگرد يونين جي بحالي لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري کان دادوپريس ڪلب تائين مارچ ريلي ڪڍي وئي, جنھن ۾ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شاگرد اڳواڻن شاھزيب.عمران زئونر.سجادجمالي. اعجازٻگھيو.حنيف مصراڻي ۽ ٻين    خطاب ڪندي  چيو ته شاگرد يونين بحال ڪئي وڃي ته جئين شاگردن جا مسئلا پنهنجي يونين جي پليٽ فارم تان حل ڪرائي سگهن, هنن چيو ته يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين سان حراسمينٽ جا انيڪ مسئلا آھن ,شاگردن کي هاسٽلن ۽ ڊگرين جا مسئلا درپيش آهن جنهن ڪري شاگرد مونجهارن ۾ مبتلا آهن جنهن ڪري شاگرد تنظيمن جو هجڻ وقت جي اهم ضرورت آهي, هنن چيو ته پاڪستان جا عظيم ليڊر شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ شاگرد يونين مان نڪتا ۽ وڏا ليڊر ٿيا سڀ شاگرد يونين جي بدولت ٿيا اسان جي ضلعي دادو جي شاگردن جا مسئلا موجوده حڪومت فيس ۾ ڳاٽي ٽوڙاضافو ڪري غريب شاگردن کان تعليم جو حق کسيوپيو وڃي.آن لائن ڪلاس ھلائي شاگردن تي ذھني دٻاءُ وجھي رھيا آھن. گرلس هاءِ اسڪول جي بلڊنگ ,دادوسنڌ يونيورسٽي ڪئمپس جلد مڪمل ڪئي وڃي ۽دادو لائبريري ھفتي ۾ 6 ڏينھن کولي وڃي.شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪئي وڃي.

Read Previous

ڀان سيدآباد: خداآباد پوليس اسٽيشن جي حد ڳوٺ پاروجو کوهه ۾ نوجوان ناري قتل

Read Next

اينڊسٽريز کي پيڪيج ڏيڻ سان ڪاروبار ۾ تيزي ايندي: حنيد لاکاڻي

Most Popular