قاضي احمد: پاڪستان تحريڪ انصاف جا اڳواڻ اڳوڻو صوبائي وزیر توڙي تحریڪ انصاف ویلفيئر ونگ جو مرڪزي نائب صدر ۽ ٻيا قاضي احمد پھتا

قاضي احمد.. پاڪستان تحريڪ انصاف جا اڳواڻ  اڳوڻو صوبائي وزیر توڙي تحریڪ انصاف ویلفيئر ونگ جو مرڪزي نائب صدر حاجي مظفر شجرا.  سید اظھارالحسن قادري.  مسرور احمد سیال ۽ ٻيا قاضي احمد پھتا جتي ميڊيا سان ڳالھائيندي ھنن چيو ته ڪا به حڪومت  جلسن ڪرڻ يا ڌرڻن ھڻڻ سان نه وڃي سگھي . اسان به 120 ڏينھن ڌرڻو ھنيو ھو پر ڪجھ نه ٿيو . ھنن چيو ته ھن وقت ڪرونا ڊينجر مسئلو آھي اسان کي ان تي ڌيان ڏيڻ گھرجي جيسيتائين ان جي ڪا ويڪسين نه اچي تيسيتائين جلسا نه ڪيا وڃن ھنن چيو ته پي ڊي ايم  جي جلسن ڌرڻن سان حڪومت نه ويندي ڀلي ھو پنھنجو شوق پورو ڪن. ھنن چيو ته دنيا ۾ ڪرونا وائرس تي ڪنٽرول ٿي نه سگھيو آھي پر اسان وٽ وزيراعظم عمران خان جي ڪوششن سان ملڪ اندر ڪرونا وائرس تي ڪنٽرول ٿيو آھي  صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ھنن چيو ته ٻيٽ سنڌ ڌرتي جا ملڪيت آھن ۽  ان جا ئي رھندا.  وفاق حڪومت طرفان سنڌ حڪومت کي ٻيٽن بابت رڪيسٽ ڪئي ھئي جنھن تي سنڌ حڪومت  اين او سي ڏني وفاق سنڌ جي ڪنھن به ٻيٽن يا ذخيرن تي ڪو به قبضو وغيره ناھي ڪيو جيڪڏھن ھي ايترا سنڌ سان سچا ھئا ته پوء اين او سي نه ڏين ھا. اين او سي ڏيڻ کان پوء واويلا ڪري رھيا آھن  ھنن چيو ته پيپلزپارٽي وارا وڏا منعافق ماڻھو آھن ۽ منعافقت ڪندي ميڊيا تي اچي خالي دانھون ڪري رھيا آھن. اسان اڄ به سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن سان گڏ آھيون ۽ گڏ ھونداسين. جڏھن ته  تي پي ٹي آئي ضلع نواب شاھ جو صدر امام الدین ڪیریو .میر ھزار جتوئي تعلقہ قاضي احمد جو صدر عبدالطیف رند تعلقہ جنرل سیڪریٽري نورالدین قادري شاھنواز خان چانڊيو صدر انصاف ويلفيئر ونگ تعلقه قاضي احمد يوسي ڏيڙان جو صدر سڪندر علي چانڊيو  ء ان موقعي تي  سوين ماڻهن گلن جي ورکا ڪئي   ..

Read Previous

لاڙڪاڻو 10 ڏينهن گذرڻ باوجود حدري ٿاڻي جي حد ڪوثر محلا جي رھواسڻ 22 ورھين جي عورت عاصمہ جا قاتل گرفتار نہ ٿي سگھيا

Read Next

تلھار ۾ گئس جي بي رحمانه لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر خلاف شھرين جو مسلسل احتجاج به ڪو رنگ نه لاٿو،بک ھڙتال جي ڪيمپ تي سوئي سدرن گئس عملدارن پاڻ پھچي ڳالھيون ڪري احتجاج ختم

Most Popular