تلھار ۾ گئس جي بي رحمانه لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر خلاف شھرين جو مسلسل احتجاج به ڪو رنگ نه لاٿو،بک ھڙتال جي ڪيمپ تي سوئي سدرن گئس عملدارن پاڻ پھچي ڳالھيون ڪري احتجاج ختم

تلھار ۾ گئس جي بي رحمانه لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر خلاف شھرين جو مسلسل احتجاج به ڪو رنگ نه لاٿو،بک ھڙتال جي ڪيمپ تي سوئي سدرن گئس عملدارن پاڻ پھچي ڳالھيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو،پر معاملا مسئلا ساڳي برقرار رھيا، گئس نه ھجڻ ۽ گھٽ پريشر روزانو معمول بڻيل،شھرين جو ٻيھر احتجاج جو چتاء،تفصيل موجب تلھار ۾ گئس جي لوڊ شيڊنگ ء گھٽ پريشر خلاف شھري نواز جتوئي جي احتجاج واري سڏ تي مختلف سياسي سماجي شھرين اڳواڻن پاران ڀرپور حمايت جو اعلان ڪري ستن ڏينھن تائين بک ھڙتال جي ڪيمپ تي احتجاج جاري رکيو ھو سوئي سدرن گئس عملدار بک ھڙتال ڪيمپ تي ڳالھين لا۽ پھچي گئس جي لوڊ شيڊنگ کي ختم ڪرائڻ جو يقين ڏيارڻ بعد قومي شاھراح تي شھرين پاران ڌرڻي جو به ٻي ڏينھن ڪيل اعلان واپس ورتو ويو ھو پر بک ھڙتال جي ڪيمپ ختم ٿيڻ بعد شھر ۾ ساڳي ريت گئس لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر روزاني جو معمول بڻجي ويو ان سلسلي ۾ شھرين نواز جتوئي  ۽ ٻين ٻيھر گئس جي لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاج جو چتا۽ ڏئي ڇڏيو

Read Previous

قاضي احمد: پاڪستان تحريڪ انصاف جا اڳواڻ اڳوڻو صوبائي وزیر توڙي تحریڪ انصاف ویلفيئر ونگ جو مرڪزي نائب صدر ۽ ٻيا قاضي احمد پھتا

Read Next

راڻيپور : روڊ حادثو تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ موٽر سائيڪل درميان اوچتو زوردار ٽڪر ڀاء فوت ,ڀيڻ زخمي ڪوچ فرار ڪيس داخل نه ٿيو

Most Popular