
راڻيپور لڳ روڊ حادثو تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ موٽر سائيڪل درميان اوچتو زوردار ٽڪر ڀاء فوت ,ڀيڻ زخمي ڪوچ فرار ڪيس داخل نه ٿيو رپورٽ موجب:راڻيپور لڳ ڳوٺ ملڪو واهڻ جي رهواسين جو مهراڻ روڊ تي سندن گهر ٻاهران تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ موٽر سائيڪل درميان اوچتو زوردار ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ پندرهن ورهين جو ڇوڪر موٽر سائيڪل سوار مهرالله سهتو ۽ سندس ڀيڻ ڀاڳل سهتو زخمي ٿي پيا جنهن بعد مهرالله سهتو زخمن جا سور نه سهندي راڻيپور اسپتال ۾ فوت ٿي ويو ۽ ڀاڳل ڌئُ لونگ سهتو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس گمبٽ اسپتال نيو ويو جڏهن ته تيز رفتار مسافر ڪوچ فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي مهرالله سهتو جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو