راڻيپور : روڊ حادثو تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ موٽر سائيڪل درميان اوچتو زوردار ٽڪر ڀاء فوت ,ڀيڻ زخمي ڪوچ فرار ڪيس داخل نه ٿيو

راڻيپور لڳ روڊ حادثو تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ موٽر سائيڪل درميان اوچتو زوردار ٽڪر ڀاء فوت ,ڀيڻ زخمي ڪوچ فرار ڪيس داخل نه ٿيو   رپورٽ موجب:راڻيپور لڳ ڳوٺ ملڪو واهڻ جي رهواسين جو مهراڻ روڊ تي سندن گهر ٻاهران تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ موٽر سائيڪل درميان اوچتو زوردار ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ پندرهن ورهين جو ڇوڪر موٽر سائيڪل سوار مهرالله سهتو ۽ سندس ڀيڻ ڀاڳل سهتو زخمي ٿي پيا جنهن بعد مهرالله سهتو زخمن جا سور نه سهندي راڻيپور اسپتال ۾ فوت ٿي ويو ۽ ڀاڳل ڌئُ لونگ سهتو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس گمبٽ اسپتال نيو ويو جڏهن ته تيز رفتار مسافر ڪوچ فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي مهرالله سهتو جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو

Read Previous

تلھار ۾ گئس جي بي رحمانه لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر خلاف شھرين جو مسلسل احتجاج به ڪو رنگ نه لاٿو،بک ھڙتال جي ڪيمپ تي سوئي سدرن گئس عملدارن پاڻ پھچي ڳالھيون ڪري احتجاج ختم

Read Next

سليم مانڊوي والا پاران نيب مٿان هنيل الزامن جو نيب چيئرمين نوٽيس وٺي ڇڏيو

Most Popular