ملتان ۾ ڪارڪنن جون گرفتاريون: مولانا فضل الرحمان جي اڳواڻي هيٺ اهم اجلاس طلب

ملتان:   ڪارڪنن جي گرفتارين  کان پوءِ پي ڊي ايم اڳواڻ به حرڪت ۾ اچي ويا آهن. ملتان ۾ مولانا فضل الرحمان جي اڳواٺي هيٺ اهم اجلاس اڄ  ٿيندو جنهن ۾ يوسف رضا گيلاني، انس نوراني، رانا ثناءُالله ۽ ساجد مير سميت ٻيا اڳواڻ به شرڪت ڪندا. پي ڊي ايم اڳواڻن اجلاس طلب ڪرڻ جو فيصلو حڪومت طرفان ملتان ۾ 40 سياسي ڪارڪنن جي پوليس سان چڪرين کان پوءِ ٿيندڙ گرفتارين کان پوءِ ڪيو ويو آهي.  اجلاس ۾ حڪومتي قدمن بابت جوابي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جو امڪان آهي. سياسي ڪارڪنن گيلاني هائوس مان هڪ ريلي ڪڍي هئي جيڪا گهنٽه گهر چوڪ پهتي ته پوليس ۽ ڪارڪن آمهون سامهون ٿي ويا. پوليس اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي قاسم گيلاني کي به گرفتار ڪيو جنهن جي خلاف 30 ڏينهن جي نظربندي جا حڪم جاري ڪيا  ويا آهن. ان کان علاوه پوليس طرفان 300 سياسي ڪارڪنن جي خلاف به ڀڃ ڊاهه جي الزام ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.

Read Previous

سليم مانڊوي والا پاران نيب مٿان هنيل الزامن جو نيب چيئرمين نوٽيس وٺي ڇڏيو

Read Next

ملتان ۾ پي ڊي ايم جو جلسو ضرور ٿيندو، گرفتارين سان جلسا نٿا روڪي سگهجن: مريم اورنگزيب

Most Popular