ملتان ۾ پي ڊي ايم جو جلسو ضرور ٿيندو، گرفتارين سان جلسا نٿا روڪي سگهجن: مريم اورنگزيب

لاهور:   مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ناحق گرفتارين سان جلسو نٿو رڪجي سگهي. مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب ملتان جلسي جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ملتان ۾ پي ڊي ايم جو جلسو ضرور ٿيندو ۽ گرفتارين سان جلسو نٿو رڪجي سگهي.  هن چيو ته ملتان ڊويزن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) حڪومت جي بزدلاڻي ڪاررواين جو سلسلو جاري آهي ۽ ڊويزنل صدر سعد ڪانجو، قاسم گيلاني سميت ڪيترن ئي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي پر جلسو ضرور ٿيندو. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو ته 30 نومبر تي ملتان ۾ جلسو ضرور ٿيندو. پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) حڪومت ملتان ۾ پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس کان ڊنل آهي ۽ حڪومت هڪ دفعو ٻيهر ڪارڪنن تي حملو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته 30 نومبر تي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي ميزباني ڪندي ۽ آصفه ڀٽو منهنجي نمائندگي جي لاءِ ملتان پهچي رهي آهي ملتان ۾ جلسو ضرور ٿيندو.

Read Previous

ملتان ۾ ڪارڪنن جون گرفتاريون: مولانا فضل الرحمان جي اڳواڻي هيٺ اهم اجلاس طلب

Read Next

جلسن سان حڪومت تي ڪوبه فرق نه پوندو: ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌ ضرور ٿيندي: فردوس عاشق

Most Popular