دي اڪانومسٽ ڀارتي چهري تان جمهوريت جو مصنوعي نقاب لاهي ڇڏيو

نئين دهلي: عالمي رسالي دي اڪانومسٽ ڀارتي چهري تان جمهوريت جو مصنوعي نقاب لاهي ڇڏيو آهي. دي اڪانامسٽ ميگزين پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته مودي سرڪار هندستان کي غيرجمهوري بڻائڻ ٿي چاهي، وزيرن پاران ادارن جي اختيارن ۾ مداخلت وڌي وئي آهي، جنهن جو تازو مثال تڪراري صحافي ارناب گوسوامي جي ضمانت جو معاملو آهي. ڀارتي فوج کي به سياست ۾ گهليو ويو، سي ڊي ايس جي عهدي تي جنرل بپن راوت جي مقرري سياسي معاملن مداخلت جو ثبوت آهي، الڪيشن کان پهريان به مودي فوج جو سهارو ورتو. لداخ ۾ چين سان تڪرار جي ڀرپور پروپيگنڊا ڪئي، الڪيشن ڪميشن جي غيرجانبرادري کي تڪراري بڻائي فرض شناس آفيسر ۽ ان جي خاندان کي نشانو بڻايو ويو.

Read Previous

جلسن سان حڪومت تي ڪوبه فرق نه پوندو: ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌ ضرور ٿيندي: فردوس عاشق

Read Next

مايا علي هڪ مرد ۾ ڪهڙيون ٽي خوبيون ڏسڻ چاهي ٿي

Most Popular