مين روڊ تي خوفناڪ حادثو هڪ ئي خاندان جا چار ماڻهو فوت، پنچ سخت زخمي ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي، لاڙڪاڻي نيو ويو

ڪشمور (رپورٽ) ڪشمور ۾ افسوسناڪ واقعو سارين سان ڀريل ٽرالر ويگو ايمبولينس ۽ موٽر سائيڪل مٿان ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار ٻن عورتن سميت چار ڄڻا فوت ۽ پنج ڄڻا سخت زخمي ۽ هڪ موٽر سائيڪل سوار شهري به سخت زخمي ٿي پيو جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪشمور جي نجي ۽ تعلقه اسپتال ۾ طبي امداد لاءِ نيو ويو جتي سندس زخمن جا سور نه سهندي عورت راڻي بگٽي، ٻارڙو امين، ۽ سندس ڪشمور واسي اڪبر لنجواڻي سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻين زخمين کي طبي امداد بعد رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو ٻئي پاسي فوتين جي گهرن ۾ اطلاع ملندي ئي روڄ راڙو شروع ٿي ويو، افسوسناڪ واقعي جو ٻڌي شھرين جو وڏو اننگ حادثي واري جاءِ تي پھچي ويو جتي پوليس، ٽائون انتظاميا سميت شھري اتحاد جي جوانن پھچي ڦاٿل زخمين ۽ لاشن کي ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ روڊ تي پيل سارين جون ٻوريون پاڻ کڻي روڊ ڪليئر ڪرايو، شهرين پاران اهو چوڻ هو ته انڊس هائي وي جو ڪم سست رفتاري ۽ ناقص مٽيريل جي ڪري انڊس هائي وي تي حادثا روز جو معمول بڻيل آهن اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته ٽرالر اوور لوڊ هجڻ جي ڪري هڪ ڪلٽي ٿيو ڪلٽي ٿيندڙ پاسي کان گاڏين جي رش هئي ۽ روڊ جي بلاڪ ٿيڻ ڪري ۽ روڊ جي حالت تمام خراب هجڻ ڪري هي افسوسناڪ حادثو پيش آيو ٺيڪيدارن پاران انڊس هائي وي جو ڪم سست رفتاري سان ڪرڻ تي شهرين ۽ مسافرن کي گهڻو نقصان سان گڏو گڏ جاني نقصان به ٿيڻ لڳو روڊ حادثا روز جو معمول بڻيل ڪيتريون ئي انسان جانيون ضايع ٿيڻ لڳيون شهرين ۽ مسافرن پاران سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فلفور انڊس هائي وي ڪشمور جي سست رفتاري واري ڪم جو نوٽيس وٺي ٺيڪيدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ ٻئي پاسي انڊس هائي وي تي کاڌ ٻج ۽ سارين جي دوڪانن ٻاهران لوڊ ۽ ان لوڊ ٿيندڙ گاڏين ۽ دڪاندارن خلاف به ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئين وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ کان عوام محفوظ رهي سگهي، آخري اطلاعن موجب واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو پوليس ٽرالر پنهنجي تحويل وٺي ڇڏيو

Read Previous

پاڪستان پيپلز پارٽي جو پ پ ايم پي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر سيد فرخ شاھ سکر ھيلٿ آفيس سکر ۾ تعمير ٿيندڙ ڪانفرنس ھال جي افتتاح

Read Next

نيوسعيدآباد بائي پاس تي ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر ڪار اڳيان ويندڙ ٽرالر جي پويان گهڙي ويئي 3 ڄڻا زخمي

Most Popular