نيوسعيدآباد بائي پاس تي ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر ڪار اڳيان ويندڙ ٽرالر جي پويان گهڙي ويئي 3 ڄڻا زخمي

نيوسعيدآباد جبار عمراڻي  نيوسعيدآباد بائي پاس تي ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر ڪار اڳيان ويندڙ ٽرالر جي پويان گهڙي ويئي 3 ڄڻا زخمي موٽر وي پوليس ڪار جو ملبو هٽائي ٽريفڪ بحال ڪرائي  .تفصيل موجب نيوسعيدآباد بائي پاس وٽ ڪالي خان هوٽل سامهون قومي شاهراه تي هڪ تيز رفتار ٽرالر اڳيان ويندڙ ڪرولاڪار کي ٽڪر هنيو نتيجي ۾ اها ڪار اڳيان ويندڙ ٽرالر ۾ گهڙي ويئي جنهن سبب  ڪار ۾ سوار ٽي ڄڻا هر هڪ محب  جمال ۽ رمز علي زخمي ٿي پيا جنکي اسپتال پهچائي انهن کي طبي امداد ڏني ويئي جڏھن ت حادثي کانپوء هڪ پاسي جي ٽريفڪ بيهي وڃڻ جي نتيجي ۾ سوين مسافر ۽ مال بردار گاڏيون بيهي ويون موٽروي پوليس جی آفیسرن خالد نواز خاصخیلی محمد عیسا خان مشتاق احمد بگھیو اور شکیل احمد هڪدم پهچي ڪرين ذريعي ڪار جو ملبو هٽائي ٽريفڪ روان دوان ڪرائي ڇڏي.

Read Previous

مين روڊ تي خوفناڪ حادثو هڪ ئي خاندان جا چار ماڻهو فوت، پنچ سخت زخمي ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي، لاڙڪاڻي نيو ويو

Read Next

سکر ۾ مسافر وين اونڌي، 10 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

Most Popular