ٻه ڀيرا بنا ڪنهن ڏوهه جي جيل ڪاٽي چڪي آهيان، ٽيون ڀيرو گرفتاري جو ڪوبه ڊپ ناهي: مريم نواز

مريم نواز

لاهور:   پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته بنا ڪنهن ڏوهه جي 2 ڀيرا جيل ڪاٽي چڪي آهيان هاڻ ٽيون ڀيرو گرفتاري جو ڪوبه ڊپ ناهي.  ملتان جلسي ۾ شرڪت جي لاءِ روانگي کان اڳ جاتي امراءَ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مريم نواز چيو ته حڪومت غنڊه گردي ۽ تشدد جو مظاهرو ڪري رهي آهي. ڪارڪنن مٿان ڪيل تشدد برداشت جوڳو ناهي. ڪارڪنن مٿان ڪيل ظلم مون کي ملتان وٺي وڃي رهيو آهي مان پنهنجو ذاتي ڏک ۽ گهر ڇڏي قوم جي ڏک ۾ شرڪت ڪرڻ وڃي رهي آهيان.  مريم نواز وڌيڪ چيو ته گرفتاريون اسان کي ڊيڄاري نٿيون سگهن. هي جلسو ٿيڻ کان اڳ ئي ڪامياب ٿي چڪو آهي. پوليس اهلڪار به هن حڪومت مان تنگ ٿي ويا آهن. ملتان جي شهرين کي اپيل آهي ته هن حڪومت جي نالائقي خلاف جدوجهد ته ڪرڻي ئي پوندي. ملڪ تي مشڪل آئي آهي ته ڌيئرون به گهرن مان نڪتيون آهن اسان هن جدوجهد ۾ سڀني کان اڳيان آهيون ته ملتان وارا به ٻاهر نڪرن. (ن) ليگ جي نائب صدر وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ڪٿي به ڪورونا ايس او پيز تي عمل ناهي ٿي رهيو. حڪومت ۽ جماعت اسلامي جا جلسا ٿي رهيا آهن ته ڪورونا ناهي پکڙجي رهيو سمورا ايس او پيز اپوزيشن جي لاءِ آهن. ڪورونا 19 ته هليو ويندو پر اسان کي ڪورونا 18 کي ڪڍڻ ضروري آهي. امپائر جي آڱر تي ايندڙن کي اهڙيون جمهوريت واريون ڳالهيون ڪرڻ سٺيون نٿيون لڳن. هاڻ هن حڪومت جا آخري ڏينهن آهن.  مريم نواز وڌيڪ چيو ته ملتان ۾ گرفتاريون لاهور جلسي کي روڪڻ سبب ٿي رهيون آهن. پر جلسو ٿيندو ۽ ڪامياب به ٿيندو. مون کي گرفتار  به ڪيو ويو ته ڪو مسئلو ناهي. مان گرفتارين جي ڊپ کان ڀتون ٽپڻ واري ناهيان. بنا ڪنهن ڏهه جي 2 ڀيرا جيل ڪاٽي چڪي آهيان. ٽيون ڀيرو گرفتاري جو ڪوبه ڊپ ناهي.

Read Previous

ڪورونا وڌيڪ چاليهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، فوتين جو انگ اٺ هزار کان وڌي ويو

Read Next

پي ڊي ايم جلسو: ملتان ۾ موبائل سروس معطل، ڪيترن هنڌن تي انٽرنيٽ به بند

Most Popular