پي ڊي ايم جلسو: ملتان ۾ موبائل سروس معطل، ڪيترن هنڌن تي انٽرنيٽ به بند

ملتان:   ملتان ۾ پي ڊي ايم جي جلسي سبب  مختلف روڊ بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته شهر ۾ موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس به متاثر آهي.  پي ڊي ايم جي جلسي کي روڪڻ جي لاءِ مختلف ضلعن کان پنجاب پوليس جي واڌو نفري کي طلب ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل ۽ رٻڙ جون گوليون به گهرايون ويون آهن. اسٽيڊيم کي ڪارڪنن کان خالي ڪرائي هڪ دفعو ٻيهر تالا لڳايا ويا آهن. اسٽيڊيم مان سياسي اڳواڻن جا پينا فليڪس ۽ بينرز به لاٿا ويا آهن جڏهن ته گهنٽه گهر چوڪ طرف پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪري  رنڊڪون بيهاريون ويون آهن. پوليس گيلاني هائوس ڏانهن ويندڙ رستا سيل ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته شهر جي مختلف روڊن تي رڪاوٽون بيهارڻ سبب عام شهرين کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.  ٻئي طرف ملتان جي مختلف علائقن ۾ موبائل فون سروس معطل آهي ۽ انٽرنيٽ سروس به جزوي طور تي بند آهي.

Read Previous

ٻه ڀيرا بنا ڪنهن ڏوهه جي جيل ڪاٽي چڪي آهيان، ٽيون ڀيرو گرفتاري جو ڪوبه ڊپ ناهي: مريم نواز

Read Next

شادي جي لاءِ ڪنهن کي به چونڊ ڪريان اهو منهنجو ذاتي فيصلو آهي: مهوش حيات

Most Popular