نئون چونڊيل آمريڪي صدر پالتو ڪتي سان کيڏندي انجري جو شڪار

واشنگٽن:   نئون چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن پالتو ڪتي سان کيڏندي انجري جو شڪار ٿي ويو آهي. نئين چونڊيل صدر جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب جوبائيڊن جو پير مڙي ويو آهي ڊاڪٽر سندس معائنو ڪندا. نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن جي عمر 78 سال آهي ڊاڪٽرن امڪان ظاهر ڪيو آهي ته جوبائيڊن کي ڪيترن هفتن تائين واڪنگ بوٽ جو استعمال ڪرڻو پئجي سگهي ٿو.  ٻئي طرف ان جي مخالف ٽرمپ ان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مان جوبائيڊن جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاگو آهيان. اها  ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ٽرمپ اڃان تائين پنهنجي شڪست مڃڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي. آمريڪي چونڊن ۾ هن تڪرار سبب روسي صدر پيوٽن جوبائيڊن کي مبارڪباد ناهي ڏني.  هڪ بيان ۾ هن جو چوڻ هو ته جيستائين مخالف ڌر يعني ڊونلڊ ٽرمپ طرفان جوبائيڊن جي سوڀ  نٿي مڃي  وڃي تيستائين هو کيس مبارڪباد نه ڏيندو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوبائيڊن کي مبارڪباد نه ڏيڻ سان آمريڪا ۽ روس جي لاڳاپن تي ڪوبه فرق نه پوندو.

Read Previous

شادي جي لاءِ ڪنهن کي به چونڊ ڪريان اهو منهنجو ذاتي فيصلو آهي: مهوش حيات

Read Next

سانگي ويجهو قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

Most Popular