شادي جي لاءِ ڪنهن کي به چونڊ ڪريان اهو منهنجو ذاتي فيصلو آهي: مهوش حيات

لاهور:   پاڪستان شوبز انڊستري جي مشهور اداڪاره مهوش حيات پنهنجي شادي جي حوالي سان وضاحت پيش ڪري ڇڏي آهي. تازو ئي اداڪاره مهوش حيات جي انٽرويو جي ڪلپ وائرل ٿي رهي هئي جنهن ۾ هن چيو ته مون کي بلاول ڀٽو زرداري سان شادي  ڪرڻ ۾ ڀلا ڪهڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو. سوشل ميديا تي اها وڊيو ايترو وائرل ٿي وئي آهي جو هر ڪو اداڪاره مهوش حيات جي شادي جا چرچا ڪرڻ لڳو. هاڻ مهوش حيات سوشل ميڊيا تي هلندڙ شادي بابت سمورين خبرن جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي. اداڪاره مهوش حيات مائيڪرو بلاگنگ سائٽ تي وضاحتي ٽوئٽ ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته مان شادي جي لاءِ جنهن جي به چونڊ ڪندس اهو منهنجو فيصلو آهي ۽ جڏهن ائين ٿيندو ته سڀني کي خبر پئجي ويندي. هن چيو ته ميچ فڪسنگ نه ڪريو ۽ 2 سال پراڻي انٽرويو ۾ مطلب کان هٽي ڪري ڳالهيون ۽ هيڊ لائنز نه ٺاهيو. مهوش حيات مزاحيه انداز اپنائيندي وڌيڪ لکيو ته ٻيا به غم آهن زماني ۾ شادي کان سواءِ.

Read Previous

پي ڊي ايم جلسو: ملتان ۾ موبائل سروس معطل، ڪيترن هنڌن تي انٽرنيٽ به بند

Read Next

نئون چونڊيل آمريڪي صدر پالتو ڪتي سان کيڏندي انجري جو شڪار

Most Popular