سڄي زندگي پ پ کي ووٽ ڏنو آھي پر اسان جي ڪنھن به نه ٻڌي آھي.گذڙيل برسات سبب اسان جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن : متاثرين

سجاول:(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري) اسان پاڪستان پپلزپارٽي جا جيلا آھيون پر اسان جي ڪنھن سار نه لڌي آھي.سجاول جي وارڊ نمبر 11 جو رھواسي آچار ملاح ۽ سندس گھرواري صحافين اڳيان پنھنجا ڏک ونڍيندي چيو ته اسان پ پ جا جيالا آھيون سڄي زندگي پ پ کي ووٽ ڏنو آھي پر اسان جي ڪنھن به نه ٻڌي آھي.گذڙيل برسات سبب اسان جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن.جنھن ڪري اسان ھن سياري جي موسم ۾ کلي آسمان ۾ پنھنجي زندگي گذاري رھيا آھيون.اسانجو ھڪ 14 سالن جو پٽ آھي جيڪو دماغي توازن صحيح نه ھجڻ ڪري گھر ۾ آھي.اسان جو ڪير ڪمائڻ وارو نه آھي.منھنجي گھر واري گھرن ۾ ڪم ڪري اسان جي گھرن جو سامان وٺي ايندي جنھن ڪري ھڪ ويلو کائيندا آھيون.برسات متاثرن لاء ايندڙ امداد به اسان کي نه ڏني وئي ھئي.ھنن چيو ته پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري،ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ريحانه لغاري،ايم اين اي اياز شاه شيرازي سميت چونڊيل نمائندن ۽ پ پ قيادت کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان جي مدد ڪئي وڃي.

Read Previous

سانگي ويجهو قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

Read Next

سنڌ جي عظيم درسگاھ ۽ لائبريري محمد بخش مهر لائبرري سڪرنڊ ۾ علمي .ادبي گڏجاڻي ۽ مشاعري جو اهتمام ڪيو ويو

Most Popular