سنڌ جي عظيم درسگاھ ۽ لائبريري محمد بخش مهر لائبرري سڪرنڊ ۾ علمي .ادبي گڏجاڻي ۽ مشاعري جو اهتمام ڪيو ويو

سڪرنڊ ( ن.ع) سنڌ جي عظيم درسگاھ ۽ لائبريري محمد بخش مهر لائبرري سڪرنڊ ۾ علمي .ادبي گڏجاڻي ۽ مشاعري جو اهتمام ڪيو ويو جنهن جو مهمان خاص شاعر پروفيسر عباس علي ڀٽي هو جنهن  پنهنجي شاعري پيش ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اديب کي با ادب هئڻ گهرجي ساڳيو ڪردار فنڪارن کي به ادا ڪرڻ گهرجي هن چيو ته لوڪ فنڪار سدا بهار آهن جيڪي شاعر پنهنجا پئسا ڏئي ڳارائين ٿا ان سان سنڌي موسيقي ۽ سنڌي سماج کي وڏو نقصان پهتو آهي سريلو راڳي ڪڏھن به غير معياري شاعري نه ڳائيندو هن اهو به چيو ته موجوده دور تعليمي دور آهي ان ڪري نوجوانن کي وڌ ۾ وڌ تعليم ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي  لائبرري جي بانيڪار اياز مهر چيو ته هن لائبرري ۾ ادبي ڪچهريون ۽ مشاعرا معمول آهن هتي رکيل ڪتابن جي ذخيري مان نوجوان علمي لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن ڪهاڻيڪار محمد صديق منگيو چيو ته ادبي ويهڪن سان شعور کي هٿي ملي ٿي ۽ ھھڙيون ويهڪون هئڻ گهرجن . سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري ماڻڪ ملاح چيو ته مشاعري سان يا ادبي علمي ڪچهرين سان سماج ايئن ٿي پوندو آهي جيئن چانڊوڪين راتين ۾ ٻهراڙيءَ جا وڻ ٽڻ ٻهڪي پوندا آهن شاعر سائل پيرزادو پنهنجي شاعريءَ ۾ درد پيش ڪندي چيو ته سنڌ جو ماڻھو ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي پر واڳ ڌڻين جي ڪنن تي ڪا جونءِ ڪانه ٿي سري سينئر صحافي قاضي جاويد سنائي چيو ته سنڌ ۾ علمي ادبي خزانه موجود آهن اسان کي سڃاڻن واري اک کپي جيئن هي لائبرري سنڌ جي سونهن  آهي جيڪا نوجوانن کي فائدو پهچائي رهي آهي مشاعري ۾ ميڊيا سينٽر جو صدر قربان علي عمراڻي ، محمد حنيف سومرو ، لائبرري انچارج اظهر مهر ، مسعود احمد عمراڻي ، رضا محمد سيال ، گل محمد لغاري ، حاجي عبدالله مگسي ۽ ٻيا دوست موجود هئارپورٽ اڪبرملاح       ع ) شهيد بينظيرآباد  مان  پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي يوٿ ونگ جو قافلو  سنڌي لباس اجرڪون ۽ ٽوپيون  پائي يوٿ ونگ اڳواڻ محسن لاکو , خالد حسين جمالي ,حاڪم علي چانڊيو ۽ عبدالمالڪ ڪيريو جي اڳواڻي ۾ ملتان روانا ٿي ويا روانگي وقت ميڊيا سان ڳالھائيندي هنن چيو ته اسان پ پ پ جا جيالا پنھنجي چيئرمين جي حڪم کي لبيڪ چئي روايتي سنڌي لباس پائي ملتان وڃون پيا ھنن چيو ته سليڪيٽڊ حڪومت جي خاتمي جو وقت اچي ويو آھي ھي ڀلي ڪيتريون به مشڪلاتون پيدا ڪن ڪيتريون به گرفتاريون ڪن پر اسان ڊڄڻ وارا ناھيون ۽ نه ئي پوئتي ھٽڻ وارا آھيون اسان شھيد ڀٽو ۽ شھيد بي بي جا جيالا شھادتون قبول ڪنداسون پر پوئتي نه ھٽندا سون ھنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏھن اسان کي پر امن جلسو ڪرڻ نه ڏنو ويو ته پنجاب جي ھر روڊ رستي تي جلسا ھوندا نيازي سرڪار ڀلي پنھنجو شوق پورو ڪري اسان اجرڪ جو ڪفن کڻي شھادتن لاء ميدان تي لٿا آھيون احتجاج ڪرڻ اسان جو جمهوري حق آھي جيڪو اسان کان ڪير به کسي نه ٿو سگھي اسان نيازي سرڪا جا جيل  کٽي سگهن ٿا پر اسان جا جيالا نه کٽندا  اسان گهر ٿا ڪيون ته علي گيلاني سميت  گرفتار ڪيل سمورا سياسي ڪارڪن آزاد ڪيا وڃن.

Read Previous

سڄي زندگي پ پ کي ووٽ ڏنو آھي پر اسان جي ڪنھن به نه ٻڌي آھي.گذڙيل برسات سبب اسان جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن : متاثرين

Read Next

قاضي احمد : دوست محمد ڪالوني ۾ رھندڙ پورهيت غلام نبي عرف ڪالو پراسرار بيماري وگھي زندگي ۽ موت جي جنگ وڙھي رھيو آھي

Most Popular