پراڻا جتوئي جي رهواسي طلاق شده عورت سائره برهماڻي نوجوان نذير احمد برهماڻي سان عدالت ۾ پسند جو پرڻو

نوشهروفيروز (ڊر) پراڻا جتوئي جي رهواسي طلاق شده عورت سائره برهماڻي نوجوان نذير احمد برهماڻي  سان عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته پسند جي شادي ڪرڻ کان پوء مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن جيڪي دشمنن جيان هٿيار بند ٿي ڳولي رهيا آهن هن چيو ته منهنجي پهريان جنهن سان شادي ٿيل هئي ان مون کي طلاق ڏني جنهن جي مون عدت پوري ڪئي ۽ نذير سان پسند جي شادي ڪئي آهي هن چيو ته اگر جيڪڏهن منهنجي مڙس ۽ سندس مٿان منهنجي اغوا يا ڪنهن به قسم جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ته اهو ڪوڙو سمجهيو وڃي هن مطالبو ڪيو ته جاني دشمن بڻيل مائٽن خلاف قدم کڻي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

Read Previous

دادو: ڊاڪٽر سهراب سرڪي برداري ۾ ڏڦيڙو وڌو آهي، برداري جي چڱن جو ڪَٺ گهرائي فيصلو ڪنداسين

Read Next

نوشهروفيروز ضلعي جي مختلف ڳوٺن جي معذورن پاران مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ مطالبن جي حل لاءِ نعره ھڻي رھيا ھئا

Most Popular