دادو: ڊاڪٽر سهراب سرڪي برداري ۾ ڏڦيڙو وڌو آهي، برداري جي چڱن جو ڪَٺ گهرائي فيصلو ڪنداسين

دادو(ڊر)ڊاڪٽر سهراب سرڪي برداري ۾ ڏڦيڙو وڌو آهي، برداري جي چڱن جو ڪَٺ گهرائي فيصلو ڪنداسين، دادو ۾ پنهور برداري جي معززن پريس ڪانفرنس، دادو پريس ڪلب ۾ پنهور برداري جي نيڪ مرد وڏيرو غلام حسين پنهور، وڏيرو نور محمد پنهور، وڏيرو اڪبر پنهور، وڏيرو غلام مصطفي پنهور، حاجي غلام حسين پنهور، وڏيرو محبوب پنهور ،رياض احمد پنهور، الاهي بخش پنهور، پير مرتضي پيرزادو، ، وريام پنهور پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي تہ ڪجهہ مهينن کان پنهور برداري ۾ ڏڦيڙو وجهندڙ سهراب سرڪي اسانجي گهر مٿان لانگ ورائيندي ڪيترن ئي برادرين جي چڱن مڙسن جي نہ مڃيندي زوري رشتو ڪيو آهي، هنن چيو تہ سهراب سرڪي رات جي پيٽ ۾ رشتو ڪري نہ رڳو پنهور برادري ۾ ڏڦيڙ، بيچيني پيدا ڪئي آهي پر همدرد برادرين ۾ پڻ ڪاوڙ  آهي، سهراب سرڪي وارن ڪجهہ سال اڳ اسانجا ماڻهو قتل ڪيا ۽ پنهور برادري جي جي عورتن کي بيواه ۽ ٻچن کي يتيم ڪيو، ننگن کي تڙپايو، اهي فيصلا بہ اڃا پورا ناهن ٿيا تہ سهراب سرڪي هڪ ٻيو لڪل وار ڪيو آهي، اسان اهي سڀ ڳالهيون پير پاڳاري جي چوڻ تي ڇڏيون هيون پر هاڻي اسانجو سرڪي برادري نہ پر سهراب سرڪي سان حساب ڪتاب آهي، هنن وڌيڪ چيو تہ سهراب سرڪي اسانجي عزت مجروه ڪرڻ لاء زوري رشتو ڪيو آهي، جنهن جي اسان سخت خلاف آهيون، سهراب سرڪي پنهور برادري ۽ اسانجي همدرد برادرين جي تعلق کي بہ خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اهڙي غلط عمل تي سموري سنڌ، خاص ڪري دادو جي پنهور برادري جي چڱن مڙسن ۾ پڻ ڪاوڙ آهي، سهراب سرڪي کي مختلف برادري جي سردارن سخت منع ڪئي تنهن باوجود سهراب سرڪي پنهنجي پُٽ لاء منظور علي پنهور کان نياڻي جيڪا سردار اصغر علي پنهور جي پٽ جي مَڱ هئي وٺي اسان جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو، هاڻي سهراب سرڪي کي چتاءُ ڏيون ٿا تہ وقت ختم ٿي ويو، اسان دادو ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان پنهور برداري جا چڱا مڙس گهرائي سندس خلاف اهم اعلان ڪنداسين، واضع ڪيون ٿا تہ اسانجي پريس ڪانفرنس جو تعلق سردار اصغر خان پنهور ۽ سندس پٽن سان ناهي، مسئلو غيرت جو آهي پريس ڪانفرنس ذاتي حيثيت ۾ ڪئي آهي، اسانجو حساب سهراب سرڪي ۽ سندس پٽ ڏي آهي.

Read Previous

دادو پريس ڪلب جو سينيئر نائب صدر بليڪ ميلر جي ڪوڙي ڪيس مان باعزت بري، دادو ۾ بيلڪ ميلر ۽ منشيات فروش زاهد کوسو پاران داخل

Read Next

پراڻا جتوئي جي رهواسي طلاق شده عورت سائره برهماڻي نوجوان نذير احمد برهماڻي سان عدالت ۾ پسند جو پرڻو

Most Popular