
اسلام آباد حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ في ليٽر 4 رپين تائين واڌ ڪري ڇڏي.فنانس ڊويزن طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ ٿيندڙ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ پاڻ برداشت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول، گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل جون قيمتون برقرار رهنديون پر عالمي سطح تي غير معمولي واڌ سبب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.
پڌرائيءَ موجب ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ نوان اگهه پهرين ڊسمبر کان لاڳو ٿيندا