حڪومت سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين لاءِ تيار ناهيون: مولانا فضل الرحمان

ملتان: جي يو آءِ(ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت سان ڪنهن به قسم  جون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون.  ملتان ۾ يوسف رضا گيلاني سان گڏ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪامياب جلسي تي يوسف رضا گيلاني کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. يوسف رضا گيلاني  جو پٽ پوليس گردي جو نشانو بڻيو. اسان جون نظرون هاڻ لاهور جي جلسي تي آهن. 8 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جي  اڳواڻي ۾ اجلاس ٿيندو جنهن ۾ آئنده جي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. اسان پنهنجي شيڊول موجب اڳيان وڌي رهيا آهيون. رنڊڪون به اڳيان اچي رهيون آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته ملتان جي عوام سليڪٽڊ کي رد ڪري ڇڏيو اسان کيس مات ڏني آهي ۽ هاڻ ان جا ارادا ناڪام بنائينداسين. عوام جي معاملن سان حڪومت لاتعلق ٿي وئي آهي. حڪومتي رٽ ختم ٿي چڪي آهي. ملڪ ۾  سمورن معاملن سان  موجوده حڪومت لاتعلق آهي اسان حڪومت سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين لاءِ تيار ناهيون. مستقبل ۾ ضرورت پيش ٿي ته پي ڊي ايم پليٽ فارم تي فيصلو ڪيو ويندو. ان موقعي تي يوسف رضا گيلاني چيو ته پي ڊي ايم اڳواڻن جا ٿورائتا آهيون جو انهن ملتان ۾ جلسي جو موقعو ڏنو. ملتان ۾ جلسو پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس سان جوڙيو ويو. جلسو روڪڻ جي لاءِ پي ڊي ايم ڪارڪنن کي جيلن ۾ وڌو ويو. ريلي ڪڍڻ تي علي موسيٰ گيلاني کي گرفتار ڪيو ويو. هي سمجهن ٿا ته ڪورونا وائرس صرف پي ڊي ايم جي جلسن ۾ آهي. يوسف رضا گيلاني چيو ته ملتان جلسي جي ڪاميابي پي ڊي ايم جي سمورن اڳواڻن جي محنت جو نتيجو آهي. هڪ هفتي کان گرفتاريون ٿي رهيون هيون. ائين ته آمريت  واري دور ۾ به ناهي ٿيندو. ايترين گرفتارين کان پوءِ حڪومت چوي ٿي ته هي جلسو نه جلسي هئي.  هميشه تنقيد ٿيندي آهي ته  اڳواڻ ٻين جي ٻارن کي ڍال بنائيندا آهن پر پنهنجا ٻار نٿا ڪڍن. ملتان ۾ آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ منهنجا پٽ به هئا. لاهور جي جلسي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به شرڪت ڪندو.

Read Previous

حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

Read Next

مسلم ليگ(ن) شهبازشريف ۽ حمزه جي آزادي واري مدي ۾ واڌ جي درخواست ڏئي ڇڏي

Most Popular