وڊيو ڪالنگ ايپ زوم جي آمدني ۾ تيزي سان واڌ ٿيڻ لڳي

نيويارڪ:   وڊيو ڪانفرنسنگ ايپ زوم جي آمدني ۾ هلندڙ سال جي ٽئين مهيني  دوران چئوڻ تي واڌ ٿي آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪورونا وائرس جي دوران وڊيو ڪانفرسنگ ايپ زوم جي استعمال ۾ تيزي سان واڌ ٿي آهي.  زوم ايپ جي مشهوري ۾ واڌ جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي ۽ سال 2020 جي ٽئين مهيني ۾ ڪمپني جي آمدني ۾ چئوڻ تي واڌ کان پوءِ 777.2 ملين ڊالر ٿي وئي آهي.  سال 2020 جي ٽئين مهيني ۾ تجزيه ڪارن طرفان اميد ڪئي پئي وئي ته زوم جي آمدني ۾ 694 ملين ڊالرز واڌ ٿيندي پر حقيقت ۾ اها واڌ اميد کان به وڌيڪ رهي آهي.  ياد رهي ته ڪورونا سبب سڄي دنيا ۾ ڪيترين ئي آفيسن ۾ گهر ۾ ڪم ڪرڻ جي پاليسي لاڳو آهي جنهن سبب صارفين طرفان وڊيو ڪالنگ ايپليڪيشنز جي استعمال ۾ واڌ نظر اچي رهي آهي.

Read Previous

آصفه ڀٽو جي سياست ۾ اچڻ تي جهانگير ترين جو پٽ علي ترين به متاثر

Read Next

پي سي بي بابر اعظم کي ڊگهي مدي لاءِ ڪپتاني جي پڪ ڏياري ڇڏي

Most Popular