پي سي بي بابر اعظم کي ڊگهي مدي لاءِ ڪپتاني جي پڪ ڏياري ڇڏي

لاهور:   پي سي بي بابر اعظم کي ڊگهي مدي لاءِ ڪپتاني جي پڪ ڏياري ڇڏي آهي.  رپورٽ موجب پي سي بي جي چيف ايگزيڪٽو وسيم خان چيو آهي ته جيستائين مان ۽ چيئرمين احسان ماني عهدن تي آهيون. بابر اعظم ئي ڪپتان رهندو. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته بابر اسان جو بهترين رانديگر ۽ ذهني طور تي تمام گهڻو مضبوط آهي. هو پاڻ ئي ٽنهي فارمينٽن جون ذميواريون وٺڻ چاهي ٿو.  ان جو مستقبل روشن آهي ان لاءِ اسان اهو محسوس ڪيو ته اظهر علي پنهنجو بهترين وقت گذاري ورتو. هاڻ بابر اعظم کي ٽيسٽ ڪپتان جي طور تي به سرگرم ڪرڻ گهرجي.

Read Previous

وڊيو ڪالنگ ايپ زوم جي آمدني ۾ تيزي سان واڌ ٿيڻ لڳي

Read Next

ڀارتي فوج هٿان نومبر مهيني دوران پندرنهن ڪشميري نوجوان شهيد

Most Popular